Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

موتي ڏيڻ لڳو آهي، اِهڙي طرح سندس زَہْر به ختم ٿي ويو هوندو تنهنڪري هاڻي مون کي اِن کان ڪوبه خطرو ناهي۔ اهو سوچي ڪري اُن نانگ کي مارڻ جو اِرادو منسوخ ڪري ڇڏيو۔ روزانو هڪ قيمتي موتي ملڻ تي اهو لالچي شخص تمام خُوش رہڻ لڳو ۽ نانگ جي پُراڻي ڌوڪي بازي وساري ويٺو۔ هڪ ڏينهن هن شخص سمورو سَون ۽ موتي هڪ ٿانءُ ۾ وجھي ڪري دَفنائي ڇڏيو ۽ اُن جڳھ تي مٿو رکي ڪري سمهي پيو۔ اُن رات نانگ اُن کي به ڏنگي ڇڏيو۔ جڏهن اُن جون رڙيون بلند ٿيون ته اُن جي پاڙيسرين، رِشتيدارن ۽ دوست اَحْبابن ڀڄي ڀڄي ڪري اُتي پهتا ۽ اُن جي حالت ڏسي ڪري چوڻ لڳا: تو اِن نانگ کي مارڻ ۾ سُستي ڪئي ۽ لالچ ۾ اچي ڪري پنهنجي جان داءُ تي لڳائي ڇڏي۔ لالچي شخص شرم وچان ڪجھ نه چئي سگھيو، سَون مان ڀريل ٿانءُ ڪڍي ڪري اُنهن جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڏسي ڪري اهي سڀ چوڻ لڳا، هاڻي هي مال تنهنجي ڪنهن ڪم جو ناهي هاڻي هي ته ٻين جو ٿي ويندو، بس پوءِ ڪجھ ئي دير ۾ اُن جو انتقال ٿي ويو۔ (عیون الحکایات،الحکایۃ الثامنۃ بعد الخمسمائۃ،ص۴۳۹،ملخصاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته مال ۽ دَولت جي حرْص خوشحال گھراڻي کي برباد ڪري ڇڏيو۔ يقينًا حَرِيص جي نِگاھ مَحدود ہوندي آهي جيڪو صِرْف وقتي فائدو ڏسندي آهي جنهن جي سبب هُو دُرُست فيصلي ڪرڻ ۾ ناڪام رہندو آهي ۽ نُقْصان پهچندو آهي۔ بيان ڪيل حڪايت ۾ گھر جي سربراھ کي سنڀرڻ جا ڪيترائي مَوقعا مليا۔ اهو هن طرح ته جڏهن پہرين گڏھ ۽ غُلام کي نانگ شڪار ڪيو هو ته هي اُن جي لاءِ خطري جي گھنٽي هئي ته