Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain

جي مَوْت واقع ٿي وئي۔ جَوان پُٽ جي مَوت ماءُ پيءُ تي مصيبت بڻجي آئي، ۽ هاڻي اهي ٻئي غُصّي وچان چوڻ لڳا: هاڻي ان نانگ ۾ ڪا به ڀلائي ناهي، بہتر هي آهي ته اِن ايذائيندڙ کي يڪدم قتل ڪيو وڃي۔ نانگ جڏهن انهن جون ڳالهيون ٻُڌيون ته ڪجھ ڏينهن جي لاءِ غائب ٿي ويو، اِهڙي طرح اُنهن کي سَون جو آنو به نه مِلي سگھيو۔ جڏهن ڪافي عرصو گذري ويو ته سَون جو آنو (بيضو) نه ملڻ جي سبب هن شخص جي لالچي طبيعت ۾ بي چيني ٿيڻ لڳي اهڙي طرح اهي ٻئي زال مڙس نانگ جي ٻِرُ جي ويجھو آيا ۽ دونهين دُکائي ڪري ڄڻ ته انهن نانگ کي صُلح جو پيغام ڏنو۔ حَيرت انگيز طور تي اهو نانگ واپس اچي ويو ۽ اُنهن کي ٻيهر سَون جو آنو (بيضو) ملڻ لڳو۔ مال ۽ دَولت جي حرْص انڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي پنهنجي پُٽ ۽ غُلام جي مَوت کي به وساري ويٺا۔ پوءِ هڪ ڏينهن نانگ سندس گھرواريءَ کي سمهندي ڏنگي ورتو، عورت رڙيون ڪيون ته مڙس يڪدم تِرْياق جي ذريعي اُن جو عِلاج ڪرڻ چاهيو پر ٿوري ئي دير ۾ اُن جي گھرواريءَ به تڙپي تڙپي ڪري جان ڏني۔ هاڻي اهو لالچي شخص اڪيلو ٿيو ته اُن نانگ واري ڳالھ پنهنجي ڀائرن ۽ دوستن کي ٻڌائي ڇڏي۔ سڀني اهو مشوَرو ڏنو ته تو وڏي غَلَطي ڪئي، اڃا به وقت آهي سُڌري وڃ ۽ جيترو جلدي ٿي سگھي اُن خطرناڪ نانگ کي ماري ڇڏ۔ بهرحال گھر اچي ڪري اهو شخص نانگ کي مارڻ جي تَڪ ۾ ويهي رهيو۔ هڪدم اُن کي نانگ جي ٻِرُ جي ويجھو هڪ قيمتي موتي نظر آيو جنهن کي ڏسي ڪري اُن جي لالچي طبيعت خُوش ٿي وئي۔ دَولت جي ہَوَس سندس سڀ ڪجھ وِسرائي ڇڏيو هو، اهو چوڻ لڳو: وقت طبيعتن کي بدلائي ڇڏيندو آهي، يقينًا ان نانگ جي طبيعت به بدلجي وئي هوندي جو هي سَون جي آنن (بيضن) جي بجائي هاڻي