Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
خواجۂ ہند وہ دربار ہے اعلیٰ تیرا کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا
پھر مجھے اپنا دَرِ پاک دِکھا دے پیارے آنکھیں پُر نور ہوں پھر دیکھ کر جلوہ تیرا([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بيان جي شروع ۾ سوره جاثيه جي آيت 21 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. اچو! هن آيتِ ڪريمه جي روشنيءَ ۾ حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي شان ۽ عظمت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون:
الله پاڪ فرمايو:
اَمْ حَسِبَ (سيپارو:25، الجاثية:21)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا اهي هي سمجهن ٿا
ڪير سمجھن ٿا؟
الَّذِیْنَ اجْتَرَحُوا السَّیِّاٰتِ (سيپارو: 25، الجاثيه: 21)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جن ماڻهن بُرائين جو ارتڪاب ڪيو.
يعني اهي ماڻهو جن ڪفر جو رستو اختيار ڪيو يا جن جي زندگي گناهن ۾ گذرندي آهي، ڇا انهن اهو سمجھي ورتو آهي،[2] ڇا سمجھي ورتو؟ فرمايو:
اَنْ نَّجْعَلَهُمْ (سيپارو: 25، الجاثيه: 21)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته اسان انهن کي انهن جهڙو ڪري ڇڏينداسين