Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
وليُ الله ۽ گنهگار جي پيرن جو فرق
الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمايو: وَرِجْلَهُ الَّتِي يَمْشِي بِهَا (يعني جڏهن مان پنهنجي ٻانهي سان محبت ڪندو آهيان ته) ان جا پيرَ بڻجي ويندو آهيان، جن سان هو هلندو آهي.[1]
يعني ڏسڻ ۾ اوهان کي عام ٻانهي جا به 2 پير نظر اچي رهيا آهن، وليُ الله جا به 2 ئي پير هوندا آهن پر عام ٻانهو جڏهن هلندو آهي ته انهن مٽيءَ جي پيرن سان هلندو آهي. وليُ الله جڏهن هلندو آهي ته الله پاڪ جي ڏنل خاص نور جي طاقت سان هلندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسان جهڙو عام شخص ڪجهه ڪلوميٽر هلي ٿڪجي پوندو آهي پر وليُ الله ڪجهه قدمن ۾ هزارين ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري وٺندو آهي پر ٿڪبو نه آهي.
حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي اها به وڏي ڪرامت آهي جو پاڻ هر روز رات جو اجمير شريف کان مڪي شريف ويندا، ڪعبه شريف جو طواف ڪندا ۽ صبح جو فجر جي وقت وري واپس اجمير پھچي ويندا هئا. سندن ڪو مريد هِند کان حج يا عمري لاءِ حاضر ٿيندو هو ته کين اتي ڏسندو هو.[2]
هاڻي ڏسو! اها ڪيڏي ڪمال جي ڳالهه آهي، اجمير شريف کان مڪي شريف جو فاصلو ساڍا 4 هزار ڪلوميٽر کان به وڌيڪ آهي. حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه الله پاڪ جي ڏنل خاص طاقت سان روزانو رات جو ايترو فاصلو طئي فرمائيندا، مڪي پاڪ پهچندا ۽ صبح جو فجر کان اڳ وري واپس به تشريف وٺي اچي ويندا هئا.
سُبْحَانَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اهو گنهگار ۽ وليِ ڪامل جي وچ ۾ پهريون فرق آهي ته گنهگار جي زندگي ٻي آهي، وليُ الله جي زندگي ٻي