Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
شان جيڪا قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿي آهي، سندن ڪرامات جيڪي صدين کان علماء رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِم بيان ڪندا ۽ ڪتابن ۾ لکندا اچن پيا، تن تي يقين رکون، اوليائن جي محبت دل ۾ پاليون، ان کي وڌايون ۽ ڪڏهن به انهن بلند مرتبي وارين هستين بابت شڪ ۽ شبهات جو شڪار نه ٿيون.
ڪلام جو خلاصو هي آهي ته گنهگار ۽ عام ماڻهن جي زندگي ٻي آهي، اوليائن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِم جي زندگي ٻي آهي، گنهگار جو موت ٻيو آهي، اولياء جو دنيا کان وڃڻ ٻيو آهي، انهن ٻنهي ۾ تمام وڏو فرق آهي، هاڻي ان ۾ اسان لاءِ 2 سبق آهن: پهريون سبق هي ته اسين اولياء کي ڪڏهن به پاڻ تي قياس نه ڪريون بلڪه الله پاڪ کين جيڪي شانَ عطا فرمايا آهن، سندن جيڪي شانَ قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيا آهن، تن تي پڪو يقين رکون. ٻيو سبق هي ته هن آيتِ ڪريمه جي روشني ۾ اسان جي سامهون 2 رستا آهن: (1): گنهگارن جو رستو (2): نيڪ ماڻهن جو رستو. انهن ٻنهي ۾ فرق آهي، هاڻي اسان جي مرضي آهي ته اسان ڪهڙي رستي کي اختيار ڪريون ٿا، الله پاڪ ته صاف صاف فرمايو ته گنهگار جي زندگي ٻي آهي، نيڪ ٻانهي جي زندگي ٻي آهي، گنهگار جو موت ٻيو آهي، نيڪ ٻانهي جو موت ٻيو آهي. * جيڪو وياج کائيندو آهي * وياجي ڏي وٺ ڪندو آهي، سروي ڪري ڏسو! سندس زندگي هزارين قسمن جي پريشانين ۾ گذرندي آهي * جيڪو حلال ڪمائيندو * حلال کائيندو آهي، سندس وٽ مال جيتوڻيڪ گهٽ هجي، پر زندگي ۾ سڪون هوندو آهي، سندس دعائن ۾ اثر رکيو ويندو آهي * اهڙي طرح هڪ نمازي جي زندگي ۽ بي نمازي جي زندگي ۾ وڏو فرق آهي * فرض روزا رکڻ واري جي زندگي ۾ ۽ فرض روزا قضا ڪرڻ واري جي زندگي ۾ تمام گهڻو فرق آهي *اهڙي طرح والدين جي فرمانبردار جي زندگي ۾ ۽ نافرمان جي زندگي ۾ تمام گهڻو فرق آهي. بخاري شريف جي تمام ڊگهي حديثِ پاڪ آهي، ان جو خلاصو هي ته بني اسرائيل جا 3 شخص هڪ ڀيرو غار ۾ ويا،