Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
آهي. الله پاڪ وليُ الله کي سندن زندگيءَ ۾ ئي بلند شان عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.
وَلِيُّ الله ۽ گنهگار جو موت برابر نه آهي
ٻيو فرق الله پاڪ اهو ارشاد فرمايو ته
وَ مَمَاتُهُمْؕ(سيپارو: 25، الجاثيه: 21)
ترجموڪنزُالعرفان: (ڇا) انهن جو موت (برابر هوندو)؟
يعني ڇا گنهگار ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته اسان وَلِيُّ الله جي موت ۽ گنهگار جي موت کي هڪ جهڙو ڪري ڇڏينداسين؟ نه! نه، هرگز نه بلڪه گنهگار جو موت ٻيو آهي، وَلِيُّ الله جو موت ٻيو آهي. هاڻي هتي ڏسو! جڏهن گنهگار مرندو آهي ته ان کي به پاڻيءَ سان غسل ڏيندا آهن، وَلِيُّ الله کي به پاڻيءَ سان غسل ڏيندا آهن، گنهگار کي به 3 ڪپڙن جو ڪفن پهرايو ويندو آهي، وَلِيُّ الله کي به 3 ڪپڙن جو ئي ڪفن پهرايو ويندو آهي، گنهگار جي کٽَ کي به 4 ماڻهو کڻندا آهن، وَلِيُّ الله جي جنازي کي به 4 ماڻهو کڻندا آهن گنهگار جي جنازي ۾ به 4 تڪبيرون ٿينديون آهن، وَلِيُّ الله جي جنازي ۾ به 4 تڪبيرون ٿينديون آهن، گنهگار کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو آهي، وَلِيُّ الله کي به مٽيءَ جي قبر ۾ ئي لاٿو ويندو آهي، هاڻي لڳي اهو ئي رهيو آهي ته گنهگار به مري مٽيءَ ۾ ملي ويو، وليُ الله کي به ننڍڙي قبر ۾ دفن ڪيو ويو پر قرآن فرمائي ٿو: انهن جي موت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي. گنهگار مرندو آهي ته مري مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي، وَلِيُّ الله کي موت ايندو آهي ته هو بقا حاصل ڪري وٺندا آهن.
کون کہتا ہے وَلی سب مَر گئے
قید سے چھوٹے وہ اپنے گھر گئے