Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

   جيئن خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو هو، بلڪل ائين ئي ٿيو. اهو ئي ڇوڪرو جنهن جو نالو شمسُ الدّين هو، 1210 عيسوي ۾ سلطان شمسُ الدّين بڻجي دهلي جو بادشاھ بڻجي ويو.[1]

    الله اڪبر! اهو آهي وليُ الله جي اک ۽ عام ٻانهي جي اک جو فرق! اسان جهڙا گنهگار ته ڀِت جي پٺيان جو به ناهن ڏسي سگهندا ۽ اولياءِ ڪرام جيڪي اک جي پُتلي سان نه بلڪه الله پاڪ جي ڏنل خاص نور سان ڏسندا آهن، اهي سالن کان پوءِ جا واقعا به اکين سان ڏسي وٺندا آهن.

ظالم بادشاھ توبه ڪري ورتي!

   پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي مبارڪ نگاھ جو اهو به هڪ ڪمال هوندو آهي ته اهي جنهن کي نگاھِ فيض سان ڏسي وٺن، ان جي زندگي کي بدلائي ڇڏيندا آهن. حضرت علامہ ارشدُ القادري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا عاشقِ رسول، ماهر عالمِ دين آهن، پاڻ لکن ٿا: هڪ بادشاھ وڏو ظالم ۽ بدمزاج هو، شهر جي اطراف ۾ ان جو هڪ خوبصورت باغ هو، جنهن ۾ صاف شفاف پاڻيءَ جو حوض هو. هڪ دفعو خواجه غريب نواز، خواجه معينُ الدّين چشتي اجميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اتان گذر ٿيو، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان باغ جي اندر تشريف وٺي ويا، حوض جي پاڻيءَ سان غسل فرمايو، نماز ادا ڪئي ۽ اتي ئي ويهي تلاوتِ قرآن ۾ مصروف ٿي ويا. ايتري ۾ بادشاھ جي اچڻ جو شور بلند ٿيو. خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان شور ڏانهن بلڪل توجهه نه فرمائي ۽ اطمينان سان تلاوت ۾ مصروف رهيا. جڏهن ظالم بادشاھ شاهي شان و شوڪت سان باغ ۾ داخل ٿيو ته حوض جي ويجهو سادي لباس ۾ هڪ نيڪ صفت شخص کي ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ غضبناڪ لهجي ۾ سپاهين کي چيائين: هن شخص کي ڪنهن منهنجي باغ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني آهي؟ بادشاھ جو غصو ڏسي سپاهي ڏڪي ويا، ان کان پهريان جو سپاهي ڪو جواب ڏين، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نگاھ مبارڪ کڻي


 

 



[1]...سلطان الہند، صفحہ:279-280 خلاصۃً۔