Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
ان جي پيارن جي زندگي ٻي آهي. اسان جهڙن گنهگارن جو موت ٻيو آهي، اولياءَ الله جو دنيا مان وڃڻ ٻيو آهي. هاڻي اهي ماڻهو جيڪي اهو خيال ڪري وٺن ٿا ته اولياءِ ڪرام به اسان جهڙا ئي آهن، انهن ۾ ۽ اسان ۾ ڪو فرق نه آهي، اُهي آيتِ ڪريمه جو آخري حصو غور سان پڙهن، الله پاڪ فرمائي ٿو:
سَآءَ مَا یَحْكُمُوْنَ۠(۲۱)(سيپارو: 25، الجاثيه: 21)
ترجموڪنزُ العرفان: اهي ڪهڙو نه بُرو حڪم لڳائين ٿا.
يعني اهي ڪيڏا بي عقل ۽ احمق آهن، ڪيڏو برو حڪم لڳائين ٿا: ڪٿي گنهگار ۽ نافرمان ماڻهو، ڪٿي اهي بلند رتبي وارا اولياءِ ڪرام، الله پاڪ جا پيارا ٻانها، اهي هرگز هرگز برابر نٿا ٿي سگهن. انهن ۾ ۽ گنهگارن ۾ ايترو ئي فرق آهي جيترو زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
ان ڪري اسان کي گهرجي ته اولياءِ ڪرام سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو بنياد عقل تي نه بلڪه عشق تي رکون ڇو ته ولايت سراپا محبت آهي، اها ڪڏهن به عقل سان سمجھي نٿي سگهجي.
عقل کو تنقید سے فرصت نہیں
عشق پر اعمال کی بنیاد رکھ
حڪيم ضياءُ الدّين بلخي هڪ فلسفي (علمِ فلسفه جو ماهر) هو، جيڪو بلخ جو رهاڪو هو. اهو ڇو ته فلسفو گهڻو پڙهندو هو (۽ فلسفو پڙهڻ وارا دين کان وڌيڪ عقل کي مڃيندا آهن يعني جيڪا ڳالهه پنهنجي عقل ۾ ايندي آهي، اها مڃي، جيڪا عقل ۾ نه اچي، ان جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن)، حڪيم ضياءُ الدّين به اهڙي ئي طبيعت رکندو هو. اولياءِ ڪرام، انهن