Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
گنهگار يا عام ٻانهي جا به 2 هٿ آهن، وليُ الله جا به 2 هٿ آهن پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته عام ٻانهو پڪڙيندو آهي هٿ جي پَٺن جي ذريعي پر وليُ الله جڏهن پڪڙيندو آهي ته ان جي هٿ ۾ نورِ خدا جي طاقت موجود هوندي آهي.
وڏو مشهور واقعو آهي، هڪ دفعو حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا ڪجهه مريد اجمير شريف جي مشهور تالاب اَناساگر تي غسل ڪرڻ ويا. غير مسلمن ڏسي شور مچائي ڏنو ته اهي مسلمان اسان جي تالاب کي ناپاڪ ڪري رهيا آهن. ان ڪري اهي حضرات واپس اچي ويا ۽ سڄو ماجرو خواجه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ ڇاگل (پاڻي رکڻ جو مٽيءَ جو ٿانءُ) ڏئي خادم کي حڪم ڏنو ته ان کي تالاب مان ڀري آڻيو! خادم وڃي جيئن ئي ٿانءَ کي پاڻيءَ ۾ وڌو، سڄو تالاب ان ٿانوَ ۾ اچي ويو! ماڻهو پاڻي نه ملڻ تي بيقرار ٿي ويا ۽ پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي فرياد ڪرڻ لڳا. ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خادم کي حڪم ڏنو ته وڃو ۽ ٿانوَ جو پاڻي واپس تالاب ۾ اُڇلايو. خادم حڪم جي تعميل ڪئي ۽ انا ساگر وري پاڻيءَ سان ڀرجي ويو![1]
سُبْحَانَ الله! اهو آهي ولين جي هٿن جو ڪمال! خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مريدن جي هٿ ۾ اهو ڪمال هو ته ان مريد تالاب مان پاڻي ڀريو ته سڄو تالاب ئي هڪ ننڍي برتن ۾ اچي ويو! ڇا ڪو وڏو مالدار، وڏي عهدي وارو، وڏي ڪرسي وارو، وڏي ڊگرين وارو، وڏي عقل وارو، جيڪو ولايت جي درجي تي نه هجي، ڇا اهو به اهڙي ڪرامت ڏيکاري سگهي ٿو؟ نه ڏيکاري سگهندو. اهو فرق آهي هڪ عام ٻانهي جي زندگيءَ ۾ ۽ هڪ وليُ الله جي زندگيءَ ۾...!!