Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
سڌري ويندي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿي ويندي. هاڻي فيصلو اسان جو آهي. توفيق ڏيڻ واري الله پاڪ جي ذات آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ رستي تي هلندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ شاگردن لاءِ الڳ، الڳ رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف ٻولين * انگريزي * اردو * هندي * بنگلا * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * ان ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضيءَ جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجي اعمالن جو جائزو وٺو، ان مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! ان جي برڪت سان گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اجرو، نکرندڙ ۽ خوبصورت ٿي ويندو. هي ايپلي ڪيشن ڊائونلوڊ (Download) ڪري وٺو! پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: جورابن
تي مسح نه ٿا
ڪري سگهون،
موزَن تي مسح
ڪرڻ جائز آهي.