Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

   هاڻي هتي ذهن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته گنهگار ۽ ڪامل ولي ۾ ڇا فرق آهي؟ ٻئي ڪهڙي لحاظ کان هڪ جهڙا نه آهن؟ *            ظاهر ۾ ڏسو ته وليءَ جا به 2 هٿ، گنهگار جا به 2 هٿ *           وليُ الله جون به 2 اکيون، گنهگار جون به 2 اکيون*وليُ الله جا به 2 ڪن، گنهگار جا به 2 ڪن*                  وليُ الله به ان ئي زمين تي رهندا، هلندا، ڦرندا، کائيندا، پيئندا آهن. گنهگار به ان ئي زمين تي رهندا، هلندا، ڦرندا، کائيندا، پيئندا آهن*       پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي ۾ فرق آهي ته اهو فرق ڪهڙي معاملي ۾ آهي؟ ڪهڙي لحاظ کان آهي؟ الله پاڪ فرمايو:

 

-سَوَآءً مَّحْیَاهُمْ وَ مَمَاتُهُمْؕ-سَآءَ مَا یَحْكُمُوْنَ۠(۲۱)(سيپارو: 25، الجاثيه: 21)

ترجمو ڪنزُ العرفان: (ڇا) انهن جي زندگي ۽ موت برابر هوندو؟ اهي ڪهڙو نه بُرو حڪم لڳائين ٿا.

 

يعني ڇا گنهگارن اهو سمجھي ورتو آهي ته گنهگار جي زندگي ۽ نيڪ ماڻهن جي زندگي، گنهگار جو موت ۽ نيڪ ٻانهي جو موت هڪ جهڙو بڻايو ويندو.[1] افسوس! اهي گناھ ڪمائڻ وارا، ولين کي پاڻ جهڙو يا پاڻ کي ولين جهڙو سمجھڻ وارا ڪيڏا بي عقل آهن، ڪيڏا احمق آهن، ڪهڙو حڪم لڳائين ٿا!

وليُ الله ۽ گنهگار جي زندگي برابر نه آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هتي آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن ۽ گنهگارن جي وچ ۾ 2 وڏا فرق بيان ڪيا ويا آهن. پهرئين نمبر تي فرمايو:

 

سَوَآءً مَّحْیَاهُمْ(سيپارو: 25، الجاثيه: 21)

ترجمو ڪنزُ العرفان: (ڇا) انهن جي زندگي برابر هوندي.


 

 



[1]...تفسیر خازن، پارہ:25، الجاثیہ، زیر آیت:21، جلد:4، صفحہ:124۔