Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
ڇا ڪري ڇڏينداسين؟ ڇا بڻائي ڇڏينداسين؟
كَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ (سيپارو: 25، الجاثيه: 21)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جن ايمان آندو ۽ جن چڱا ڪم ڪيا.
يعني هڪ طرف آهي: غير مسلم. ٻئي طرف آهي: مسلمان. هڪ طرف آهي گنهگار. ٻئي طرف آهي: نيڪ ٻانهو. مثال طور* هڪ طرف آهن اهي خواجه غريب نوازرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي روزانو ٻه دفعا ختمِ قرآن ڪرڻ وارا آهن. ٻئي طرف آهي: اهو ٻانهو جنهن کي ڪڏهن قرآن ڪريم کولڻ جي به توفيق ناهي ملندي* هڪ طرف آهن اهي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي سڄي رات عبادت ڪندا، ايتري قدر جو عشاء جي وضو سان نمازِ فجر پڙهندا هئا. ٻئي طرف اسان جهڙا گنهگار آهن جن جون راتيون غفلت ۾ گذرنديون آهن* هڪ اهي خواجه غريب نوازرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن جيڪي عبادت ۾ سُستيءَ کان بچڻ لاءِ تمام گهٽ کائيندا، ايتري قدر جو 7 ڏينهن جي فاقي کان پوءِ ٿوري ماني پاڻيءَ ۾ ڀڄائي کائيندا هئا. ٻئي طرف اهو ٻانهو آهي جنهن جو پيٽ ڀرجندو ئي ناهي، هر وقت بس کائو، کائو ڪندو رهندو آهي* هڪ طرف اهي خواجه حضور آهن، جيڪي سنتن جا پابند ۽ سادگي اختيار ڪندڙ آهن. ٻئي طرف اهو ٻانهو آهي جيڪو فيشن جو شيدائي، جائز ۽ ناجائز جي فڪر نه ڪندڙ آهي* هڪ طرف اهي خواجه حضور آهن، جيڪي پاڙيسرين جو تمام گهڻو خيال رکندڙ آهن. ٻئي طرف اهو ٻانهو آهي جنهن جا پاڙيسري ان جي شرارتن کان تنگ آهن.
ڇا اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا گنهگار اهو خيال ڪندا آهن ته انهن ٻنهي کي هڪ جهڙو ڪيو وڃي؟ نه!! هرگز نه. انهن ٻنهي کي هرگز هڪ جهڙو نه ڪيو ويندو.