Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

قبر مبارڪ مان آواز آيو ته اوهان بخشيلن مان آهيو!

   حضرت بابا فريد گنج شڪر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن جي مزار شريف پاڪپتن ۾ آهي، پاڻ به تمام وڏا ڪامل ولي آهن، فرمائن ٿا: هڪ دفعو مان اجمير شريف حاضر ٿيس ۽ حضرت خواجه معينُ الدّين چشتي اجميري يعني خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي روضي مبارڪ تي ترسيُس. اها عرفه جي رات هئي، مون مزار پُر انوار جي ويجهو (قبلي طرف رخ ڪري) نماز ادا ڪئي، پوءِ نماز کان فارغ ٿي اتي ئي ويهي تلاوت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اتي ئي ويٺي ويٺي مان 15 سيپارا تلاوت ڪري چڪو هيس، سوره ڪهف يا سوره مريم جي تلاوت ڪري رهيو هيس ته مون کان پڙهڻ ۾ غلطي ٿي ۽ هڪ حرف رهجي ويو. مون کي ڇوته ان غلطيءَ جو احساس نه ٿيو هو، مان اڳتي پڙهڻ لڳس ته مزارِ پُر انوار مان آواز آيو: هي حرف ڇڏي ويا آهيو، وري پڙهو! مون ان مقام کان وري پڙهيو، هاڻي آواز آيو: چڱو پڙهو ٿا، خَلْفُ الرَّشِيد (يعني سٺا پٽ) اهڙو ئي ڪندا آهن. بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ان کان پوءِ مان تلاوت ڪندو رهيس، جڏهن مون تلاوت مڪمل ڪري ورتي ته مون روئي روئي دعائون گهريون. مون کي اهو خوف کائي رهيو هو ته افسوس! خبر ناهي مان بخشيلن مان آهيان يا نه، ان ڊپ سبب مان روئي رهيو هيس ته اوچتو مزارِ پاڪ مان آواز آيو: مولانا! جيڪو شخص ائين نماز پڙهندو آهي، اهو بخشيلن مان آهي.[1]

  سُبْحَانَ الله! هيءَ آهي شانِ اولياء الله! انهن جو دنيا کان وڃڻ ٻيو آهي، اسان جهڙن گنهگارن جو مرڻ ٻيو  آهي. ٻنهي جي زندگيءَ  ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي ۽ انهن جي موت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي.

ڪيڏو بُرو حڪم ڪندا آهيو!

   اي عاشقانِ رسول! آيتِ ڪريمه جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿي ويو ته اسان جهڙن گنهگارن جي زندگي ٻي آهي، الله پاڪ جي نيڪ، پرهيزگار ٻانهن،


 

 



[1]...ہند کے مرشِدِ اعظم، صفحہ:133۔