Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
يعني ڇا اهي گنهگار اهو سمجھي ويٺا آهن ته انهن جي زندگي ۽ نيڪ ماڻهن، الله پاڪ جي ولين جي زندگي هڪ جهڙي آهي؟ نه! نه، هرگز نه، وليُ الله جي زندگي ٻي آهي، گنهگار جي زندگي ٻي آهي.
حديث قدسي ۽ الله جي ولين جو شان
حديث قدسي آهي ۽ اها حديث قدسي به بخاري شريف ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪندو آهيان ته كُنْتُ سَمْعَهُ الَّذِي يَسْمَعُ بِهٖ مان ان جا ڪن بڻجي ويندو آهيان، جن سان هو ٻڌندوآهي.[1] مطلب ته ظاهر ۾ ڏسڻ ۾ وليُ الله جا به 2 ڪن آهن، گنهگار جا ۽ عام ٻانهي جا به 2 ڪن آهن پر انهن ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. گنهگار يا اسان جهڙو عام مسلمان جڏهن ٻڌندو آهي ته انهن مٽيءَ جي ٺهيل ڪنن سان ٻڌندو آهي پر وليُ الله جڏهن ٻڌندو آهي ته انهن مٽيءَ جي ڪنن سان نه بلڪه انهن ڪنن ۾ رکيل نورِ الٰهيءَ جي ذريعي ٻڌندو آهي.
اسان جا آقا، ولين جا ولي، حضور غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي سڀني ولين جا سردار آهن، پاڻ بغداد شريف ۾ منبر تي ويهي اعلان ڪيو: قَدَمِیْ ھٰذِہٖ عَلٰی رَقَبَةِ کُلِّ وَلِیِّ الله منهنجو هي قدم هر وليُ الله جي گردن تي آهي.
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن اهو اعلان فرمايو، ان وقت حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خراسان جي هڪ پهاڙي تي عبادت ڪري رهيا هئا. هوائي سفر ۾ بغداد کان خراسان جو فاصلو تقريباً 1421 ڪلوميٽر آهي. خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ايترو پري کان غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو اعلان