Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ  وَ الـصَّـلٰـوۃُ  وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی  خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ

اَمَّـا بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ  الـشَّـیۡـطٰنِ  الـرَّجِیۡمِ  ؕ   بِـسۡمِ  الـلّٰـہِ  الـرَّحۡـمٰنِ  الـرَّحِـیۡمِ         ؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                           اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                          اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي  فضيلت

   الله جي پياري حبيب، دلين جا طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو ته: جيڪو ٻانهو محبت ۽ شوق سان ڏينهن ۾ 3 دفعا ۽ رات جو 3 دفعا مون تي درود پاڪ پڙهي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جا ان ڏينهن ۽ ان رات جا گناھ معاف ڪري ڇڏي.[1]

  اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿوري توجهه ڪيون ته ڪيتري آسانيءَ سان گناھ بخشرائي سگهجن ٿا. مثال طور: صبح جو فجر جي نماز باجماعت ادا ڪري، سر جھڪائي، اکيون بند ڪري ۽ سائي گنبذ جو تصور ڪري 3 دفعا درود پاڪ پڙھي وٺون. اهڙيءَ طرح رات جو سمهڻ وقت توڙي جو بستري تي ئي قبلو رخ ويھي، سر جھڪائي، اکيون بند ڪري ۽ پياري پياري گنبدِ خضرا جو تصور ڪري 3 دفعا درودِ پاڪ پڙھي وٺون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان ڏينهن ۽ ان رات جا گناھ معاف ٿي ويندا. خيال رهي! وڏا گناھ سچي توبه


 

 



[1]...معجم الکبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316۔