Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
وضاحت: اڄ ڪلهه سياري جو موسم آهي، الحمد لله! شريعت اسان کي آساني ڏني ته موزَن تي مسح ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي. ڪهڙي قسم جي موزَن تي مسح ڪري سگهون ٿا؟ ان جا شرط ٻڌو! (1): موزا اهڙا هجن جو ڀيڏيون ڍڪجي وڃن (2): موزا اهڙا هجن جو کين پائي آسانيءَ سان خوب هلي سگهجي (3): موزا چمڙي جا هجن يا ڪنهن ٻي ٿلهي شيءِ جا هجن (جو ان ۾ پاڻي اندر داخل نه ٿئي ۽ صرف ان کي پائي 3 ميل تائين هلو ته اهو ڦاٽي نه وڃي). هي ٽئي شرطون جنهن موزي ۾ هجن، ان تي مسح ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ جيڪي عموماً سوتي يا اوني (جورابَ يا) موزا پاتا وڃن ٿا، انهن تي مسح جائز نه آهي. انهن کي لاهي پير ڌوئڻ فرض آهي.[1] موزَن تي مسح ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟ اهو اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! ايندڙ جمعي تي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
اسماء الحسنى جي برڪتون (وظيفو)
يَا حَيُّ
جيڪو به بيمار هجي اهو الله پاڪ جو اسمِ مبارڪ يَا حَيُّ 1 هزار ڀيرا پڙهي اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! صحت ماڻيندو.[2] الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد