Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

جون ڪرامتون ۽ بلند شان ان جي ننڍي عقل ۾ نه اينديون هيون. لهٰذا اهو پاڻ به اولياءِ ڪرام کان بدظن هو ۽ پنهنجي شاگردن کي به انهن کان بدظن ڪندو رهندو هو. هڪ دفعو حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو بلخ مان گذر ٿيو، پاڻ جنگل مان گذرندي هڪ جانور جو شڪار ڪيو ۽ هڪ وڻ هيٺان تشريف فرما ٿيا. خادم کي حڪم ڏنو ته باھ ٻاري جانور کي ڀُڃڻ شروع ڪري ۽ پاڻ نماز ۾ مصروف ٿي ويا. اتفاق سان ضياءُ الدّين فلسفي به اتي اچي پهتو. حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نماز کان فارغ ٿيا، خادم ڀُڳل جانور پيش ڪيو، خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ضياءُ الدّين فلسفي کي به دعوت ڏني. ان جيئن ئي ان ڀُڳل جانور جو گوشت پنهنجي وات ۾ رکيو ته دل جي دنيا بدلجي وئي. فلسفي ۽ عقل پرستي جي جيڪا اونداهي دل تي ڇانيل هئي، اها لهڻ لڳي ۽ ان جي جاءِ تي معرفت جا انوار کُلڻ شروع ٿيا. ضياءُ الدّين فلسفي انهن انوار جي تاب نه آڻي سگهيو ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو. هاڻي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه غريب نوازي فرمائيندي هڪڙو گرهه سندس وات ۾ وِڌو ته کيس هوش اچي ويو. هاڻي ڇا هو، اهو ئي فلسفي جيڪو ڪجهه گهڙيون پهريان عقل پرست هو، اوليائن جي شان ۽ عظمت جو انڪاري هو، صوفين کي بُرو ڀَلو چوڻ وارو هو، هاڻي سندس دل معرفت جي نور سان روشن ٿي چڪي هئي، هن حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي هٿ تي توبهه ڪئي، فلسفي جي اونداهي مان جان ڇڏائي ۽ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مريد ٿي ويو.[1]

   سُبْحٰنَ اللهِ! پيارا اسلامي ڀائرو! ولين جا نرالا شانَ آهن، جيڪو عقل پرست رهندو آهي، شيطاني وسوسن ۾ اچي سندن انڪار ڪندو آهي، اوليائن کي پنهنجي پاڻ تي قياس ڪندو آهي، اهڙو شخص تمام گهڻو بيوقوف آهي، تمام بڇڙو حُڪم لڳائيندو آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِم کي ڪڏهن به پاڻ تي قياس نه ڪريون، کين پاڻ جهڙو نه سمجهون بلڪه سندن  


 

 



[1]...سلطان الہند، صفحہ:142 خلاصۃً۔