Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

ٻڌي به ورتو ۽ ان جو جواب ڏيندي فرمايو: بَلْ قَدَمَاکَ عَلٰی رَاْسِیْ وَعَیْنِیْ بلڪه اوهان جا قدم منهنجي مٿي ۽ اکين تي آهن.[1]

   الله! الله! اهو آهي هڪ وليُ الله ۽ عام مسلمان ٻانهي جي زندگيءَ جو فرق! عام مسلمان کي ڪجهه ميٽر پري جو آواز به صاف ٻڌڻ ۾ ناهي ايندو ۽ وليُ الله، الله پاڪ جي عطا سان سوين ڪلوميٽر پري جو به ٻڌي وٺندا آهن.

وليُ الله ۽ عام مسلمان جي اکين جو فرق

    الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو: وَبَصَرَهُ الَّذِي يُبْصِرُ بِهٖ  (يعني جڏهن مان پنهنجي ٻانهي سان محبت ڪندو آهيان ته) ان جو اکيون بڻجي ويندو آهيان، جن سان هو ڏسندو آهي.[2]

  يعني ظاهري ڏسڻ ۾ گنهگار يا عام مسلمان جون به 2 اکيون آهن، وليُ الله جون به 2 اکيون آهن پر گنهگار يا عام مسلمان ڏسندو آهي: اک جي پُتليءَ سان ۽ وليُ الله اک جي پُتليءَ سان نه بلڪه الله پاڪ جي عطا ڪيل خاص نور سان ڏسندو آهي.

خواجه حضور جون پيشنگوئيون (اڳ ڪٿيون)

   هڪ دفعو خواجه غريب نوازرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تشريف فرما هئا، گڏ ڪجهه ٻيا بزرگ به ويٺا هئا، پاڻ ۾ ديني گفتگو ٿي رهي هئي. ايتري ۾ سامهون کان هڪ 12 سالن جو ڇوڪرو گذريو. هاڻي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نگاهه جو ڪمال ڏسو! پاڻ ان 12 سالن جي ڇوڪري جو مستقبل ڏسي فرمايو: هي ڇوڪرو تيستائين نه مرندو، جيستائين دهلي جو بادشاھ نه بڻجي وڃي.


 

 



[1]...غوث پاک کے حالات ، صفحہ:67۔

[2]...بخاری، کتاب الرقاق، باب التواضع، صفحہ:1597، حدیث:6502۔