Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain

پهاڙ مان هڪ وڏي چٽان ڪري ۽ غار جو منهن بند ٿي ويو، هاڻي انهن ٽنهي دعا ڪئي: (1) هڪ چيو: اي الله پاڪ! مان پنهنجي والدين جو فرمانبردار آهيان، منهنجي هن نيڪي جي صدقي چٽان کي پاسي تي ڪر، چٽان ٿوري پاسي تي ٿي. (2): ٻئين دعا ڪئي: اي الله پاڪ! مون وٽ هڪ شخص مزدوري ڪندو هو، مون سندس مزدوري امانتداري سان پوري پوري ادا ڪئي (ڪا به کوٽ نه ڪيم)، هن نيڪي جي صدقي چٽان کي پاسي تي ڪر، چٽان ٿوري وڌيڪ پاسي تي ٿي (3): ٽئين دعا ڪئي: اي الله پاڪ! مون فلاڻي عورت تي قابو پاتو هو، پوءِ تنهنجي خوف کان مان بدڪاري کان پري رهيس، منهنجي هن نيڪي جي برڪت سان چٽان کي وڌيڪ پاسي تي ڪر، چٽان وڌيڪ پاسي تي ٿي ۽ اهي ٽيئي غار مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.[1]

   هي آهي نيڪ ٻانهي جي زندگي، جنهن نيڪي ڪئي هجي، ڪڏهن ڪڏهن اهو به پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، کيس مشڪلاتون اچي وينديون آهن پر سندس نيڪي جي برڪت سان سندس رستا کوليا ويندا آهن، کيس پريشانين جو حل عطا ڪري ڏنو ويندو آهي پر گنهگار ٻانهو پريشانين ۾ ڪِرندو ويندو آهي، ايستائين جو توبهه نه ڪري. پوءِ آخرت جو معاملو آهي، مرڻ کان پوءِ ته گنهگار ۽ نيڪوڪار جي حالت ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وڏي مشهور حديثِ پاڪ آهي: مؤمن جي قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ ۽ گنهگار جي قبر دوزخ جي کڏن مان هڪ کڏ بڻجي ويندي آهي.[2]

  مطلب ته:  هي ٻئي رستا آهن: هڪ گناهه جو رستو آهي. ٻيو نيڪي جو رستو آهي. انهن ٻنهي ۾ فرق آهي. اسان کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي، اهو اسين غور ڪري وٺون. گنهگارن جي قطار ۾ بيهنداسين ته انجام گنهگارن جهڙو ٿيندو. نيڪ ماڻهن جي قطار ۾ اينداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! دنيا به


 

 



[1]...بخاری، کتاب الادب، باب اجابۃ الدعاء من بر والدیہ، صفحہ:1492-1493، حدیث:5974 خلاصۃً۔

[2]...ترمذی، ابواب صفۃ القیامۃ والقائق والورع، صفحہ:584، حدیث:2460۔