Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Nirali Shanain
ويندو آهي. خواجه غريبِ نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 537 هجري ۾ پيدا ٿيا. سندن پاڪ نالو حسن آهي ۽ معينُ الدّين، غريب نواز، سلطانُ الھند، وارثُ النَّبي، عطاءِ رسول سندن مشهور لقب آهن.[1] خواجه فارسي زبان جو لفظ آهي، ان جو مطلب آهي: سردار، آقا.[2]
خواجۂ خواجگاں مُعِیْنُ الدِّیْن فخرِ کون ومکاں مُعِیْنُ الدِّیْن
خواجه غريبِ نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نجيبُ الطَّرَفَين آهن يعني والد ۽ والده ٻنهي طرفن کان سَيّد آهن. 12 واسطن کان سندن نسب مسلمانن جي چوٿين خليفي مولا علي مشڪل ڪشا رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ تائين وڃي پھچي ٿو.[3]
چراغِ انجمنِ اَوْلیا غریب نواز امینِ سَطْوَتِ خیبر کُشَا غریب نواز
گُلِ حدیقۂ حسنین، نورِ چَشْمِ علی فدائے سیرتِ خیر الوریٰ غریب نواز
وضاحت: اي خواجه غريبِ نوازرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه! اوهان اولياءِ ڪرام جي محفل جا چراغ آهيو، اوهان خيبر فتح ڪرڻ واري مولاءِ ڪائنات، مولا عليرَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي شجاعت جا اَمين آهيو، اوهان امام حسن ۽ امام حسين رضي اللهُ عنهم جي باغ جا گُلَ ۽ حضرت علي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي اکين جا تارا آهيو ۽ مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جا عاشق آهيو.
خواجه غريبِ نوازرَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 96 سال دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، 6 رجب، 633 هجري، سومر واري ڏينهن پاڻ وصال فرمايائون. سندن مزار مبارڪ هِند جي مشهور شهر اجمير صوبي راجستان ۾ آهي.[4]