Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
مرڻ کان پهريان قرض چڪائي ڇڏيو!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي ڪوشش هيءَ هئڻ گهرجي ته جيئري جيترو قرض اسان تي آهي، حساب لڳائي جلد از جلد چُڪائي ڇڏيون. الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ٻانهو روح جي جسم کان جدا ٿيندي وقت 3 شين کان آزاد هوندو، اهو جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ اُهي 3 شيون آهن: (1): تڪبر (2): قرض ۽ (3): خيانت. ([1]) معلوم ٿيو؛ قرض کان پاڪ ٿي دنيا کان وڃڻ جنت ۾ داخل ٿيڻ جو ذريعو آهي.
ابنِ ماجه شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي، رسولِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: نَفْسُ الْمُؤْمِنِ مُعَلَّقَةٌ بِدَيْنِهِ، حَتَّى يُقْضَى عَنْهُ يعني انسان پنهنجي قرض جي سبب لٽڪيل رهندو آهي، ايستائين جو ان جو قرض ادا ڪيو وڃي. ([2])
علامه مُلا علي قاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: مقروض جيڪڏهن قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ مري وڃي ته ان جو روح قيد ڪيو ويندو آهي، ان کي عالمِ برزخ ۾ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي روحن سان ناهي ملايو ويندو. نه ئي ان کي جنت جي سير جي اجازت ڏني ويندي آهي. ها! ڪو ان جو قرض ادا ڪري ڇڏي ته ان کي رهائي ملي ويندي آهي. ([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ڪجھ علائقن ۾ هڪ غلط رسم رائج آهي، جنهن کي روح وداع ڪرڻ چوندا آهن. ماڻهن جو نظريو اهو آهي ته مرڻ کان