Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
ادا ڪرڻ کان بنا ئي منهنجو انتقال ٿي ويو. تنهنڪري ان ئي جرم ۾ مون کي هتي قيد ڪيو ويو آهي. انطاڪيه ۾ منهنجو اولاد آهي، اهي منهنجو قرض ادا نه ٿا ڪن. هي ٻڌي اهو شخص ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي دوستن کي چيائين: هڪ تمام اهم مسئلو درپيش آهي، هلو! پهريان مسئلو حل ڪريون، پوءِ الله جي راھ ۾ سفر ڪنداسين.
هاڻي اهي ڪجھ دوست انطاڪيه ڏانهن روانا ٿيا. باقي لشڪر الله جي راھ ۾ سفر تي روانو ٿي ويو. اهي ماڻهو انطاڪيه پهتا، ان کوھ جي قيديءَ جي اولاد کي ڳولهي، ان جي پُٽن کي سڄو معاملو ٻڌايائون. اهي چوڻ لڳا: اهي واقعي اسان جا والد صاحب آهن. اهو چئي انهن پنهنجي زمين وڪڻي ۽ سڄو قرض ادا ڪري ڇڏيو. ان شخص جو قرض ادا ٿيڻ کان پوءِ اهي ماڻهو وري ان ئي کوھ وٽ پهتا ته اهو ڏسي انهن جي حيرت جي انتها نه رهي ته اتي پري پري تائين ڪنهن کوھ جو نالو نشان ئي نه هو. اهي ڏاڍو حيران ٿيا. رات اتي گذاريائون. رات جو سُتا ته خواب ۾ اهو ئي شخص آيو ۽ چيائين: اي الله جي راھ جا مسافرؤ! الله پاڪ اوهان کي سٺي جزا عطا فرمائي. اوهان جي ڪوشش ۽ خير خواهي جي ڪري جڏهن منهنجي پٽن قرض ادا ڪيو ته منهنجي ربِ ڪريم مون کي کوھ جي قيد کان نجات عطا فرمائي ۽ جنت جي اعليٰ درجن ۾ جاءِ عطا فرمائي.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي عبرتناڪ واقعو اسان کي گهڻو ڪجھ سيکاري ٿو. هڪ سبق اهو مليو ته اسان کي فوت ٿيلن سان به ڀلائي ڪرڻ گهرجي. ڏسو! اهي ماڻهو الله جي راھ ۾ سفر ڪري رهيا هئا، رستي ۾ هڪ فوت ٿيل جي مشڪل معلوم ٿي ته انهن پنهنجو اهم ترين ديني ڪم ڇڏيو ۽ ان جي مشڪل حل ڪرڻ لاءِ انطاڪيه پهتا. انهن جي هن ڪوشش جي برڪت سان اهو فوت ٿيل شخص قيد کان آزاد ٿي جنت جو حقدار بڻجي ويو.