Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
قرض موٽائي ڇڏيان ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! قرض موٽائڻ نصيب به ٿي ويندو. جيڪڏهن ان کان پهريان ئي موت اچي ويو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! قيامت جي ڏينهن نيڪيون ڏيڻ ۽ قرض ڏيندڙ جا گناھ پنهنجي کاتي ۾ وجهرائڻ کان بچت ٿي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! قرض جي حوالي سان هڪ برائي اسان وٽ اها به ملي ٿي ته ماڻهو قرض ته وٺي ڇڏيندا آهن پر موٽائڻ جو پڪو ارادو ئي نه رکندا آهن. ظاهر آهي جڏهن پئسن جي ضرورت هوندي آهي، تڏهن ته صرف هڪ ئي تمنا هوندي آهي ته ڪٿان قرض ملي وڃي، جيئن به ملي بس ملڻ گهرجي پر موٽائڻو ڪڏهن آهي؟ ڪيئن موٽائڻو آهي؟ ڇا موٽائڻو به آهي يا نه؟ انهن ڳالهين تي بعض اوقات غور نه ڪيو ويندو آهي.
هي انداز به درست نه آهي. بيشڪ قرض وٺڻ جائز آهي، گناھ نه آهي البت! زندگي جو هي اصول بنائڻ گهرجي ته قرض صرف ۽ صرف ان وقت وٺو، جڏهن ٻي ڪا صورت نه ٿي سگهي ۽ اوترو ئي وٺو، جيتري اسان کي ضرورت هجي، پوءِ وقت تي واپس موٽائڻ جي پڪي نيت به لازمي بڻائجي ۽ اُن جي مڪمل ڪوشش به ڪيو. پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد آهي: مَنِادَّانَ دَيْنًا وَهُوَ يُحَدِّثُ نَفْسَهُ بِقَضَائِهِ اَعَانَهُ اللهُ عَلَيْهِ يعني جنهن شخص قرض ورتو ۽ اُن جي نيّت قرض کي ادا ڪرڻ جي هجي ته قرض جي ادائيگي جي سلسلي ۾ الله پاڪ اُن جي مدد فرمائيندو. ([1])
بخاري شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بني اسرائيل جي هڪ شخص جو واقعو بيان ڪيو،