Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

اکيون روشن ٿي ويون

حيدرآباد (پاڪستان) ۾ دعوتِ اسلامي جي مبلغ هڪ نوجوان کي قافلي جي دعوت ڏني جنهن تي هو ڪاوڙجي چوڻ لڳو، اوهان ماڻهو ڪنهن جي پريشاني جو خيال به ته ڪريو، منهنجي والده جي اکين جو آپريشن ڊاڪٽرن غلط ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري سندن اکين جي روشني هلي وئي، اسان کي ايتري پريشاني آهي ۽ اوهان چئو ٿا ته قافلي ۾ سفر ڪريو. مبلغ اسلامي ڀاءَ غمخواري واري انداز ۾ دعا ڏيندي چيو، الله پاڪ! اوهان جي والده کي شفاء عطا فرمائي. ڊاڪٽر ڇا چئي رهيا آهن؟ هو چوڻ لڳو، ڊاڪٽرَ چون ٿا ته هاڻي آمريڪا کڻي ويندا ته به علاج ممڪن ناهي. اهو چوڻ سان سندس دل ڀرجي آئي. مبلغ وڏي محبت سان سندس پٺي ٽپيندي تسليءَ واري لهجي ۾ چيو، ڀاءَ! ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو آهي ان تي مايوس ڇو ٿا ٿيو، الله پاڪ شفاء عطا فرمائڻ وارو آهي، مسافر جي دعا الله پاڪ قبول فرمائيندو آهي، اوهان قافلي ۾ سفر ڪريو ۽ ان دوران والده لاءِ دعا به گهرو. مبلغ اسلامي ڀاءَ جي آٿٿ واري گفتگو جي نتيجي ۾ غمگين نوجوان قافلي ۾ سفر ڪيو، سفر دوران والده لاءِ خوب دعا گهري. جڏهن گهر موٽيو ته اهو ڏسي سندس خوشي جي انتها نه رهي ته قافلي جي برڪت سان سندس والده جي اکين جو نور واپس اچي چڪو هو.

لوٹنے رَحْمتیں قافلے میں چلو                                                                  سیکھنے سنَّتیں قافلے میں چلو

چشمِ بینا ملے سُکھ سے جینا ملے                                                          پاؤ گئے راحتیں قافلے میں چلو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دارالافتاء اهلسنت ايپليڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Darul Ifta Ahlesunnat (دار الافتاء اهلسنت).