Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن ٻانهو قرض موٽائڻ جي پڪي سچي نيت ڪري وٺندو آهي ته ڏسو! ان جي ڪهڙي انداز سان مدد ڪئي ويندي آهي. اسان کي به گهرجي ته جڏهن به ضرورت ۾ قرض وٺون ته ان کي موٽائڻ جي پڪي نيت به ڪيون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! الله پاڪ جي مدد نصيب ٿيندي ۽ وقت تي قرض موٽائڻ نصيب ٿي ويندو.
قرض سان لاڳاپيل ڪجھ سٺيون عادتون
پيارا اسلامي ڀائرو! امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قرض جي حوالي سان ڪجھ سٺيون عادتون لکيون آهن، اسان کي زندگي ۾ قرض ڏيڻ وٺڻ جي ضرورت پوندي رهندي آهي. انهن چند سٺين عادتن کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائجي! يعني قرض جي معاملي ۾ پنهنجا هي چند اصول بڻائيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! برڪتون نصيب ٿينديون. سٺيون عادتون هي آهن:
(1): قرض ڏيندڙ کي تڪليف نه ڏيو! بلڪ پاڻ ان وٽ وڃي قرض موٽائي اچو! گڏوگڏ شڪريو به ادا ڪريو! ته توهان مشڪل وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، الله پاڪ اوهان کي ان جي جزا عطا فرمائي. محبوبِ خُدا، تاجدارِ انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: خَیْرُکُمْ اَحْسَنُکُمْ قَضَآءً يعني اوهان مان بهترين شخص اهو آهي جيڪو سٺي طرح سان ادائيگي ڪندو آهي.
(2): جڏهن رقم جو انتظام ٿي وڃي ته مقرر وقت اچڻ جو انتظار نه ڪريو! فوري طور تي قرض موٽائي ڇڏيو!
(3): بالفرض قرض ڏيندڙ ڊيڄاري ڌمڪائي، گھٽ وڌ ڳالهائي ته ان سان وڙهڻ، جواب ۾ گھٽ وڌ ڳالهائڻ، اڪڙ ڏيکارڻ وغيره کان بچو! بلڪ ان کي معاف ڪري ڇڏيو! روايت آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن کان قرض قبول فرمايو.
سُبْحٰنَ الله! محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا انداز به تمام نرالا آهن. ڀلا جيڪي ٻنهي جهانن جا مالڪ آهن، زمين جي سڀ خزانن جون چاٻيون جن کي عطا