Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
پوءِ هي معاملو جيترو عام آهي، اوترو ئي اهم به آهي. قرض جي بنياد تي معاشري ۾ وڏا وڏا فساد به ٿي ويندا آهن * لڙائيون ٿينديون آهن * جهڳڙا ٿيندا آهن * عزتُون خراب ڪيون وينديون آهن * ڪڏهن ڪڏهن ته قتل تائين به نوبت پهچي ويندي آهي. ان ڪري قرض جو معاملو تمام اهم آهي، ان ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي.
اوهين ان تي ٿورو ائين غور ڪريو! ته قرآنِ ڪريم جي سڀ کان جيڪا وڏي آيت سڳوري آهي، ان کي آيتِ مُدَايَنَه چئبو آهي. ان آيت سڳوريءَ ۾ قرض جي معاملن کي ئي بيان ڪيو ويو آهي. هن آيت سڳوريءَ جو هڪ حصو ٻڌو! ارشاد ٿيو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا تَدَایَنْتُمْ بِدَیْنٍ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى فَاكْتُبُوْهُؕ- (پارہ:3، سورۀ بقرہ:282)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان هڪ مقرر مدت تائين ڪنهن قرض جي ڏيتي ليتي ڪيو ته ان کي لکي وٺندا ڪيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي اسان تي ڪيتري رحمت آهي جو اسان جي روز مره جي هن عام معاملي کي ايتري اهميت بخشي جو ان تي قرآن ڪريم جي سڀ کان وڏي آيت سڳوري نازل ڪئي ۽ اسان جي معمول جي معاملي تي ايتري تفصيل سان رهنمائي فرمائي وئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! قرض تمام ئي اهم معاملو آهي، جيتوڻيڪ اسان وٽ ماڻهو ان کي گهڻي اهميت ناهن ڏيندا، قرض وٺڻ کي گهڻي اهميت ڏيندا آهن، جڏهن وٺڻو هوندو آهي ته منٿ ميڙ به ڪندا آهن، عزت سان به پيش ايندا آهن، ڪي ته چاپلوسيون به ڪندا آهن پر قرض موٽائڻ تي گهڻي توجھ نه ڏيندا آهن. ياد رکو! قرض وٺڻ، پوءِ وقت تي نه موٽائڻ تمام وڏو جرم آهي.