Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
بخاري شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي: حضرت سلمه بن اَڪۡوع رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: اسان بارگاھِ رسالت ۾ حاضر هئاسين، * هڪ جنازو آندو ويو، عرض ڪيو ويو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هن شخص جي نمازِ جنازه پڙهايو! فرمايائون: ڇا ان تي قرض آهي؟ عرض ڪيو ويو: نه. پڇيائون: ڇا هن مال ڇڏيو آهي؟ چيو ويو: ناهي ڇڏيو. پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُن شخص جي نمازِ جنازه ادا فرمائي. * پوءِ هڪ ٻيو جنازو آيو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري پڇيائون: ڇا ان تي ڪجھ قرض آهي؟ عرض ڪيو ويو: ها. پڇيائون: ڇا هن ڪجھ مال ڇڏيو آهي؟ چيو ويو: ها! 3 دينار ڇڏيا آهن. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي به نمازِ جنازه ادا فرمائي. * پوءِ ٽيون جنازو آندو ويو، پڇيائون: ڇا هن ڪجھ ڇڏيو آهي؟ چيو ويو: ناهي ڇڏيو. پڇيائون: ڇا ان تي قرض آهي؟ چيو ويو: ها! ان تي 3 دينار جو قرض آهي. فرمايائون: بس پوءِ اوهين ئي پنهنجي هن ساٿي جو جنازو پڙهو! حضرت ابوقتاده رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حاضر هئا، عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان جو قرض مان ادا ڪري ڇڏيندس. اهو ٻڌي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي جنازه نماز ادا فرمائي. ([1])
هن حديثِ پاڪ مان اسان کي ڪجھ ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون: * پهرين اها ڳالھ ته نمازِ جنازه فرضِ ڪفايه آهي. ان ئي ڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ جنازي جي نماز پڙهڻ کان انڪار فرمايائون ۽ صحابه کي فرمايائون: اوهان ان تي جنازه پڙهي وٺو! * ٻي ڳالھ اها معلوم ٿي ته قرضدار تي به نمازِ جنازه پڙهي ويندي، ان ئي ڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام کي نمازِ جنازه جي اجازت عطا فرمائي، پاڻ پڙهڻ کان رڪجي ويا * ٽئين نمبر تي هن حديثِ پاڪ ۾ قرضدار ٿي مَرڻ کان پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناپسنديدگي معلوم ٿي ته جيڪو قرضدار ٿي فوت ٿيو ۽ ايترو پئسو به پٺيان نه ڇڏيو جو ان سان قرض ادا ڪيو وڃي ته پاڻ