Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
اسان کي به گهرجي ته اسان فوت ٿيلن سان ڀلائي ڪيون. اسان ڀلائي ڪيئن ڪنداسين؟ ان جا ڪيئي طريقا ٿي سگهن ٿا، مثال طور: * فوت ٿيڻ واري شخص کي اسان سڃاڻون ٿا، عزيز آهي، دوست آهي، مائٽ آهي، سڀ کان پهريان ته ڀلائي اها ڪريو ته سچي دل سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪريو: يا الله پاڪ! مان پنهنجا سمورا حق هن شخص کي معاف ڪريان ٿو.
اسان انسان آهيون، جن سان اٿندا ويهندا آهيون، ڪجھ نه ڪجھ هيٺ مٿاهين ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ هن فوت ٿيل اسان جي ڪا حق تلفي ڪئي هوندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اها معاف ٿي ويندي، ان جو ڀلو ٿيندو. حديثِ پاڪ مطابق اسان معاف ڪنداسين ته الله پاڪ اسان جون خطائون معاف فرمائي ڇڏيندو.
* اهڙي طرح فوت ٿيلن لاءِ ايصالِ ثواب ڪريو! * درود پاڪ پڙهي * تلاوت ڪري * نمازون پڙهي * غريبن کي کاڌو کارائي * ختم شريف جو اهتمام ڪري مطلب ته جيئن ٿي سگهي پنهنجي عزيزن، مائٽن، دوستن بلڪ سمورن مسلمانن لاءِ ايصالِ ثواب ڪندا رهو! ان جون برڪتون فوت ٿيلن کي به نصيب ٿينديون، گڏوگڏ اسان جي ثواب ۾ به اضافو ٿي ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! الله پاڪ اسان کي زنده ۽ مرده سڀني مسلمانن جو خيرخواھ بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
پيارا اسلامي ڀائرو! کوھ جي قيديءَ جو واقعو اسان ٻڌو، ان مان هڪ ڳالھ اها به معلوم ٿي ته والدين وفات ڪري وڃن، انهن تي قرض هجي ته اولاد کي گهرجي، انهن جو قرض ضرور ادا ڪري ڇڏين. ڏسو! اهو ويچارو جنت جو حقدار هوندي به کوھ ۾ قيد هو. ڇو؟ ان ڪري جو ان تي قرض هو ۽ اولاد قرض چُڪائڻ تي توجھ نه ڪئي هئي.