Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي ڪتاب عُيُون الحڪايات ۾ لکن ٿا: حضرت حسن ۽ عبدالواحد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهما نالي ٻه بزرگ هئا، هڪ ڀيرو اهي لشڪر سان گڏ الله جي راھ ۾ روانا ٿيا. رستي ۾ اهو لشڪر هڪ جاءِ تي ڪجھ دير جي لاءِ ترسيو. ويجهو ئي هڪ کوھ هو، ماڻهن پاڻي ڪڍڻ لاءِ ان ۾ ڏول وڌو ته اتفاق سان رَسي کُلي وئي ۽ ڏول کوھ ۾ ڪري پيو.
هاڻي پاڻي ته ڪڍڻو هو، تنهنڪري هڪ ماڻهوءَ کي رسيون ٻڌي کوھ ۾ لاٿو ويو. جڏهن اهو شخص کوھ جي اندر لٿو ته ڪنهن جو درد ڀريو آواز ٻڌڻ ۾آيو. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو شديد بيماريءَ جي حالت ۾ چينگهي رهيو هجي. آواز ٻڌي اهو شخص واپس آيو، ماڻهن کان پڇيائين: ڇا اوهان به ڪنهن جي چينگهڻ جو آواز ٻڌو آهي؟ ماڻهو چوڻ لڳا: ها! اسان به ٻڌو آهي. تنهنڪري اهو شخص وري کوھ ۾ لٿو. جڏهن پاڻي جي سطح جي ويجهو پهتو ته ڏٺائين: هڪ شخص تختي تي ويٺو آهي. پڇيائين: تون جنّ آهين يا انسان؟ تختي تي ويٺل شخص چيو: مان انسان آهيان. پڇيائين: ڪٿان جو رهاڪو آهين؟ چيائين: مان انطاڪيه جو رهاڪو آهيان. معاملو ائين آهي ته مون تي قرض هو. قرض