Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

پوءِ ٻانهي جو روح گهر ۾ ئي ڀٽڪندو رهندو آهي. تنهنڪري وفات جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روح کي وداع نه ڪيو ويو ته روح ائين ئي ڀٽڪندو رهندو آهي. هي محض جاهلاڻي رسم آهي. روح ته جيئن ئي نڪتو، ان کي جتي وڃڻو هو، هليو ويو * ڪنهن جو روح آسمانن ڏانهن کنيو ويندو آهي* ڪنهن جو روح زمين ۾ ئي ڪنهن جاءِ تي قيد ڪيو ويندو آهي. روح ڪٿي به ڀٽڪندو ناهي. ها! روح وداع ڪرڻ جي بجاءِ جيڪڏهن اسان روح آزاد ڪرايون ته هي تمام سٺو آهي. يعني ماڻهو فوت ٿي ويو، هاڻي روح وداع ڪرڻ وغيره بدعتن جي بجاءِ ان تي قرض هجي ته قرض ادا ڪريو! ان سان ڀلائي ڪريو! ان جي برڪت سان ان جو روح قيد کان آزاد ٿي عالمِ برزخ ۾ آرام ماڻيندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان کي به ان جون برڪتون نصيب ٿينديون.

نيڪين سان قرض چڪايو ويندو

ابنِ ماجه شريف جي ئي حديثِ پاڪ آهي، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪو شخص هن حال ۾ مري وڃي ته ان تي هڪ دينار يا هڪ درهم قرض هجي ته ان ڏينهن جڏهن دينار ڪم نه ايندا (يعني قيامت جي ڏينهن) ان جي نيڪين ذريعي قرض ادا ڪيو ويندو. ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! قرض وٺڻ پر واپس نه موٽائڻ ڪيترو سخت جرم آهي. سوچو! اسان وٽ نيڪيون پهريان آهن ئي ڪيتريون...؟ اسان جي نمازن جو ڪو ٺڪاڻو نه آهي * سجدا ڪندا به آهيون ته غفلت ۾ * روزا پهريان ئي صرف فرض رکندا آهيون، اهي به جيڪي رکندا آهيون، سو رکندا آهيون، نفل روزا رکڻ جي عادت نه آهي * تهجد اسان نه ٿا پڙهي سگهون * نفلَ پڙهڻ جي عادت اسان جي نه آهي * دنيا جو حرص، مال جي طلب دل ۾ گهر ڪيو ويٺي آهي، ڏينهن مال ڪمائڻ ۾ گذرندو آهي، رات غفلت  ۾ گذري ويندي آهي.  بمشڪل ٿوريون نيڪيون ڏينهن  ۾ ڪمائي سگهون ٿا. اهي به جهڙيون هونديون آهن، بس الله پاڪ ئي


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب الصدقات، باب التشدید فی الدین، صفحہ:386، حدیث:2414۔