Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

الله پاڪ اسان کي قرضدار کي مهلت ڏيڻ، ان سان آساني ۽ نرمي سان پيش اچڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قرض سان متعلق معلومات حاصل ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مختصر وقت ۾ چند روايتون ۽ احاديث مون ٻڌائڻ جي سعادت حاصل ڪئي، عرض آهي ته قرض ڇوته اسان جو روزمره جو معاملو آهي، تنهنڪري ان جي باري ۾ تفصيلي معلومات ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي * بهارِ شريعت، حصو:11 مان قرض جو بيان * مڪتبة المدينه جا ڪتاب: جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا اعمال * جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا اعمال، جلد:1. مان قرض جا ابواب پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو علمِ دين سکڻ نصيب ٿيندو. الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 دين جي 12 ڪمن مان هڪ ڪم: قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! علم دين حاصل ڪرڻ، دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم قافلو به آهي.

* نيڪي جي دعوت ڏيڻ، هن راھ ۾ مشقتون کڻڻ سنتِ انبياء آهي؛

* دين جو ڪم مشڪلاتون کڻي، قربانيون ڏئي ئي ٿيندو آهي.

* انبيائي ڪرام * صحابه ڪرام * نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ گهرن مان نڪرندا هئا * ڏور ڏور علائقن ۾ ويندا هئا * هجرت