Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

هن حڪمِ قرآني تي عمل ڪندي پنهنجي ڏي وٺ جي معاملن کي لکي ڇڏڻ گهرجي. ته جيئن مرڻ کان پوءِ هي معلوم ٿئي ته اسان تي ڪيترو قرض هو، ته جيئن اسان جي مال مان اُن جي ادائيگي ڪري سگهجي، ڇوته ادائگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ قيامت جي ڏينهن ڦاسڻ جا پورا پورا امڪان آهن.

الله پاڪ اسان کي جهنم کان بچائي، بغير حساب جنت ۾ داخلا نصيب فرمائي.  

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

میرا نازُک بَدن جہنَّم سے                                                                              از طفیلِ رضا بچا یارب!

طالِبِ مغفِرت ہوں یااللہ!                                                             بخش حیدر کا واسطہ یارب!

قرض موٽائڻ جي پڪي نيت ڪيو!

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ٻڌو! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن قرض ورتو ۽ اهو ان کي ادا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو بلڪ ان کي ادا ڪرڻ جي معاملي ۾ حريص آهي پوءِ اهو ان کي ادا ڪرڻ کان سواءِ مري ويو ته الله پاڪ ان ڳالھ تي قادر آهي ته ان جي قرض خواهه کي پنهنجي پسنديده انعامن ذريعي راضي ڪري ڇڏي ۽ مرڻ واري جي مغفرت فرمائي ڇڏي ۽ جنهن قرض ورتو ۽ اهو ان کي ادا ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي  پوءِ اهو ان کي ادا ڪرڻ کان سواءِ مري ويو ته ان کان پڇيو ويندو، ڇا تون اهو گمان ڪرين ٿو ته اسان فلاڻي کان تنهنجو پورو حق وٺي نه ڏينداسين؟ پوءِ ان جي نيڪين مان ڪجھ نيڪيون کڻي ۽ قرض ڏيندڙ جي نيڪين ۾ قرض جي بدلي ۾ وڌيون وينديون ۽ جيڪڏهن ان وٽ نيڪيون نه هونديون ته قرض ڏيندڙ جا گناھ ان جي اعمال نامي ۾ وڌا ويندا. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ جڏهن به قرض وٺو ته ان کي موٽائڻ جو پڪو ارادو ڪرڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن اسان قرض موٽائي ڏيڻ جي پڪي نيت ڪري وٺنداسين بلڪه شديد حرص رکنداسين ته ڪاش! مان جلد کان جلد


 

 



[1]...شعب الایمان، باب فی قبض الید...الخ، فصل فی تسدید الدین، جلد:4، صفحہ:405۔