Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

تنگدست کي مهلت ڏيو!

پيارا اسلامي ڀائرؤ! قرض ڏيڻ جي حوالي سان هڪ نيڪي هي به آهي ته قرض وٺڻ وارو جيڪڏهن مجبور هجي، ويچاري وٽ پئسا نه هجن ته ان کي مهلت ڏني وڃي. بلڪ ممڪن هجي ته پورو يا ڪجھ قرض معاف ئي ڪري ڇڏجي. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

وَ اِنْ كَانَ ذُوْ عُسْرَةٍ فَنَظِرَةٌ اِلٰى مَیْسَرَةٍؕ- (پارہ:3، سورۂ بقرہ:280)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن قرضدار تنگدست هجي ته ان کي آساني تائين مهلت ڏيو.

پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ان ڳالھ کي پسند ڪري ٿو ته ان جون دعائون قبول ٿين ۽ پريشانيون دور ٿين ته ان کي گهرجي ته تنگدست کي مهلت ڏئي.

معافي عطا ڪئي وئي

نسائي شريف ۾ حديث آهي: رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ شخص جنهن ڪڏهن ڪو سٺو عمل نه ڪيو هو، ماڻهن کي قرض ڏيندو هو ته پنهنجي ملازم کي چوندو هو ته قرضدار جيڪو ڪجھ آساني سان ڏئي ان کان وٺي ڇڏيو ۽ جنهن ۾ قرضدار کي ڏکيائي هجي ان کي ڇڏي ڏيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيو، شايد الله پاڪ اسان کي معاف فرمائي.

جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته الله پاڪ ان کي فرمايو: ڇا تو ڪڏهن ڪو سٺو عمل ڪيو؟ ته ان عرض ڪيو، نه، پر منهنجو هڪ غلام هو ۽ مان ماڻهن کي قرض ڏيندو هيس، جڏهن مان ان کي قرض جو تقاضو ڪرڻ لاءِ موڪليندو هيس ته ان کي چوندو هيس جيڪو آساني سان ملي اهو وٺو ۽ جنهن ۾ قرضدار کي ڏکيائي هجي ان کي ڇڏي ڏيو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيو، شايد الله پاڪ اسان کان چشم پوشي فرمائي. ته الله پاڪ ان کي فرمايو، بيشڪ مون توکي معاف ڪري ڇڏيو.