Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
فرمايون ويون آهن، جن جي دروازي کان ڪڏهن سائِل خالي ناهي موٽندو، سڀ جهوليون ڀري ايندا آهن، دنيا ئي نه بلڪ آخرت جي به ڪا نعمت هتان گهرو! انڪار نه ٿيندو، عطا ئي عطا ٿيندي.
کس چیز کی کمی ہے مولیٰ تیری گلی میں دُنیا تیری گلی میں عقبیٰ تری گلی میں
جن جو شان اهڙو آهي، ڀلا انهن کي قرض وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت...؟ پر محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه زندگي اسان لاءِ بهترين نمونو آهي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرض جي ڏي وٺ به فرمائي ته جيئن اسان جهڙن غريبن لاءِ ان ۾ سبق ٿي وڃي.
خير! پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن کان قرض قبول فرمايو. واپسي جي مدت مقرر هئي. جڏهن مدت پوري ٿي وئي ته اهو شخص حاضر ٿيو. ان وقت محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرض جي ادائيگي جي حالت ۾ نه هئا. جيئن اهو شخص ته سخت ڪلامي ڪرڻ لڳو. اصحابي سڳورن رَضِیَ اللہُ عنہم جڏهن ڏٺو ته هڪ شخص پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ گستاخانه لهجي سان ڳالهائي رهيو آهي ته صحابه ان جي طرف وڌيا، محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: دَعُوْہٗ فَاِنَّ لِصَاحِبِ الْحَقِّ مَقَالًا يعني ان کي ڇڏي ڏيو ڇوته حقدار کي ڳالهائڻ جو حق حاصل هوندو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ الله! هي آهي سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! ڇا فرمايو: اِنَّ لِصَاحِبِ الْحَقِّ مَقَالًا يعني بيشڪ حقدار ڳالهائڻ جو حق رکندو آهي. هي سبق اسان کي به زندگي ۾ اپنائڻ گهرجي! اسان کي ڪنهن جي رقم ڏيڻي آهي، هاڻي اهو اسان سان جهيڙو ڪندو آهي، ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو آهي. يقينًا ان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، نرمي اختيار ڪرڻ گهرجي، البت! اسان تي هي لازم آهي ته اسان بدتميزي نه ڪريون، اڪڙ نه ڏيکاريون بلڪ خاموشي سان ان جون ڳالهيون ٻڌي ان کي معاف ڪريون ۽ سٺي طريقي سان قرض موٽائي ڇڏيون.