Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

ياد رکو! والدين جا حق گهڻا آهن، اهي اهڙيون هستيون آهن جو انهن جا حق وفات کان پوءِ به ختم نه ٿيندا آهن. حديثِ پاڪ ٻڌو! طبراني شريف جي حديث آهي، حضرت عبدالرحمٰن بن سَمُره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا:  مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: * جيڪو شخص پنهنجي ماءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ انهن جو قسم سچو ڪري (مثال طور: والد صاحب ڪو جائز قسم کنيو هو، ان کي پورو ڪرڻ کان پهريان ان جو انتقال ٿي ويو ته اولاد مان جيڪو خوش نصيب اهو قسم پورو ڪري ڇڏي) * انهن جو قرض ادا ڪري * ۽ ڪنهن جي ماءُ پيءُ کي برو چئي انهن کي برو نه چورائي، اهو والدين سان ڀلائي ڪرڻ وارو لکيو ويندو، جيتوڻيڪ انهن جي زندگي ۾ نافرمان هو ۽ * جيڪو انهن جو قسم پورو نه ڪري * انهن جو قرض ادا نه ڪري * ٻين جي والدين کي برو چئي انهن کي برو چورائي، اهو والدين جو نافرمان لکيو ويندو، جيتوڻيڪ انهن جي زندگي ۾ انهن سان ڀلائي ڪرڻ وارو ئي ڇو نه هجي.([1])

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ والدين سان صرف انهن جي زندگي ۾ ڀلائي ناهي ڪرڻي بلڪ انهن جي وفات کان پوءِ به انهن جا حق ادا ڪرڻا آهن. جن جا والدين زنده آهن، الله پاڪ انهن کي  ايمان و عافيت سان وڏي ڄمار عطا فرمائي، جن جا ماءُ پيءُ فوت ٿي چڪا آهن، الله پاڪ انهن کي پنهنجي فوت ٿيل والدين جا به حق نڀائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قرض جو معاملو تمام اهم آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! قرض اسان جي معاشري ۾ هڪ عام معاملو آهي. شايد ئي ڪو شخص هوندو جنهن زندگي ۾ ڪڏهن به قرض جي ڏي وٺ نه ڪئي هجي. تقريباً سڀئي ضرورت تحت قرض کڻندا يا ڏيندا رهندا آهن.


 

 



 [1] معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:232، حدیث:5819۔