Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان عمل کان بيزاري جو اظهار فرمايو ۽ ان شخص جي نمازِ جنازه ادا ڪرڻ کان منع فرمايائون. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! قرض جڏهن به وٺو، ان ۾ واپس موٽائڻ جو وقت لازمي مقرر ڪرڻ گهرجي. پوءِ جيڪا تاريخ، ڏينهن واپسي لاءِ مقرر ڪيو آهي، لازم آهي ته ان ئي ڏينهن قرض واپس موٽائي ڇڏيو. جيڪڏهن بالفرض ڪنهن سبب کان انتظام نه ٿي سگهي ته قرض ڏيندڙ سان ملي پنهنجو عذر بيان ڪري، ۽ مهلت وٺي. اسان وٽ جيئن ماڻهو ڌڪا کارائيندا رهندا آهن، صبح وٺجان، شام جو وٺجان، حالانڪ قرض موٽائڻ جي طاقت هوندي آهي، رقم موجود به هوندي آهي، پوءِ به هروڀرو ٽال مٽول ڪندا رهندا آهن. ياد رکو! قرض ۾ بلاوجھ تاخير ڪرڻ گناھ آهي ۽ هن تاخير جو گناھ ان وقت تائين لکيو ويندو رهندو جيستائين قرض واپس موٽائي نه ڇڏي. حديث شريف ۾ آهي: جيڪو قرض دار قدرت جي باوجود پنهنجي قرض ڏيڻ واري سان ٽال مٽول ڪري، ته الله پاڪ هر ڏينهن ۽ رات ۾ اُن تي گناھ لکندو رهندو. ([2])
علماء ڪرام فرمائن ٿا: جلدي شيطان جي طرفان آهي پر 6 ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ شيطان جي طرفان نه بلڪ (انهن ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ ضروري آهي): (1): نماز جو وقت ٿي وڃي ته نماز ۾ جلدي ڪرڻ (2): مهمان اچي ته ان جي مهمان نوازي ڪرڻ (3): ڪنهن جي مرڻ تي ڪفن دفن ۾ جلدي ڪرڻ (4): ڌيءَ بالغي ٿي وڃي ته ان جي شادي ۾ جلدي ڪرڻ (5): قرض جي ادائيگي جو وقت اچي وڃي ته ان کي جلدي جلدي ادا ڪرڻ (6): گناھ ٿي وڃي ته توبه ۾ جلدي ڪرڻ.