Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

قرض ڏيڻ به ثواب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هي چند روايتون مون ٻڌايون، انهن ۾ قرض وٺڻ جي آداب جو بيان آهي. اسان کي قرض ڏيڻ جي به عادت بنائڻ گهرجي. جنهن کي الله پاڪ توفيق بخشي هجي، ان کي گهرجي ته ماڻهن کي قرض ڏيندو ڪري.

سڀني کان آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: معراج جي رات مون جنت جي دروازي تي لکيل ڏٺو ته صدقي جو ثواب 10 ڀيرا آهي ۽ قرض جو 18 ڀيرا. ([1])

سُبْحٰنَ الله! ڪيڏي پياري روايت آهي، هڪ طرف صدقو آهي، ٻئي طرف قرض ڏيڻ آهي. مثال طور ٻانهو غريب هو، اسان ان کي بطور صدقو 500 روپيا ڏنا. ان جو به تمام گهڻو ثواب آهي. صدقي جي ثوابن جي ڳڻپ مشڪل آهي. ٻئي طرف هي ته اسان ڪنهن کي 500 روپيا بطور قرض ڏيندا آهيون. جنت جي دروازي تي لکيل آهي: صدقي جو ثواب 10 ڀيرا آهي ته قرض ڏيڻ جو ثواب 18 ڀيرا وڌيڪ آهي.

اسان کي به گهرجي ته ماڻهن کي قرض ڏيندا ڪريون. اسان وٽ ان حوالي سان به ماڻهو بي توجھي ۽ ڪنجوسي جو مظاهرو ڪندا آهن. الله پاڪ ڏنو آهي، رقم موجود به آهي، حاجتمند قرض به گهري رهيو آهي، اسان ڏئي به سگهون ٿا ان جي باوجود نه ٿا ڏيون. الله پاڪ اسان کي وڏي دل نصيب ڪري. ماڻهن کي قرض ڏيڻ گهرجي.

2 ڀيرا صدقي جو ثواب

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ڪنهن مسلمان کي 2 ڀيرا قرض ڏيندو آهي ان کي ٻئي ڀيرا ڏنل قرض جي بدلي اوتري ئي رقم هڪ ڀيرو صدقو ڪرڻ جو ثواب ملندو آهي. ([2])


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب الصدقات، باب القرض، صفحہ:389، حدیث:2431۔

[2]...ابن ماجہ، کتاب الصدقات، باب القرض، صفحہ:389، حدیث:2430۔