Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat

فرمايائون: بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، هن ڪنهن کان 1 هزار دينار بطور قرض گهريا. سامهون واري چيو: ڪو گواھ کڻي اچ! قرض وٺڻ واري چيو: الله پاڪ جي گواهي ڪافي آهي. قرض ڏيڻ واري چيو: ڪو ضمانتي کڻي اچ! هن وري چيو: الله پاڪ جي ضمانت ئي ڪافي آهي. قرض ڏيڻ واري چيو: تون سچ ٿو چوين. هاڻي هن واپسي جي تاريخ مقرر ڪئي ۽ 1 هزار دينار ان کي قرض ۾ ڏئي ڇڏيا!

هاڻي اهو شخص قرض وٺي سمنڊ پار ڪم تي هليو ويو، اتي ڪم وغيره ڪندو رهيو، جڏهن مقرر تاريخ ويجهو آئي ته اهو وري سمنڊ ڪناري پهتو، ڏسندو رهيو ته ڪا ٻيڙي ملي، مان ان ۾ سوار ٿي جلدي پهچان ۽ مقرر وقت تي قرض موٽائي ڇڏيان. ڪافي دير ٻيڙي جو انتظار ڪندو رهيو پر ڪا ٻيڙي نه ملي سگهي.

و ته ان جي نيت پڪي هئي، اهو واقعي قرض موٽائڻ جو ارادو رکندو هو) تنهنڪري ان هڪ ڪاٺي پڪڙي. ان ۾ سوراخ ڪيائين. ان جي اندر هڪ هزار دينار وجهي، هڪ خط لکي ان جي اندر رکي ڇڏيو. هاڻي ان اها ڪاٺي سمنڊ ۾ وڌي ۽ دعا ڪئي: ياالله پاڪ! تون ڄاڻين ٿو ته مون قرض وٺندي توکي گواھ ۽ ضامن بڻايو هو، اي ربَّ ڪريم! تون اِهو به ڄاڻين ٿو ته مون ٻيڙي ڳولهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ٻيڙي نه ملي سگهي. اي مالڪِ ڪريم! هاڻي مان هي امانت تنهنجي سپرد ڪري رهيو آهيان.

هاڻي ان اها ڪاٺي سمنڊ ۾ وڌي، ٻئي طرف اهو شخص جنهن جو قرض ڏيڻو هو، اهو پنهنجي شهر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آيو، ٻيڙي جو انتظار ڪرڻ لڳو ته شايد هاڻي اهو شخص منهنجو قرض موٽائڻ لاءِ اچي وڃي. انتظار ڪندو رهيو پر ڪو به نه آيو. ان دوران ان جي نظر هڪ ڪاٺي تي پئي، سوچيائين؛ ڪم ته ٿيو نه هلو هي ڪاٺي ئي گهر کڻي هلان ٿو. تنهنڪري ان ڪاٺي کنئي ۽ گهر هليو ويو. جڏهن ان ڪاٺي کي چيريائين ته ان جي اندر قرض جي رقم به موجود هئي، گڏوگڏ خط به موجود هو. ([1])


 

 



[1]... بخاری، کتاب الکفالۃ، باب الکفالۃ فی القرض...الخ، صفحہ:589، حدیث:2291۔