Book Name:Qarz Ke Mutaliq Islami Taleemat
ڪرم فرمائي. ان حالت ۾ جيڪڏهن قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ دنيا کان هليا ويا ۽ قيامت جي ڏينهن اسان جون نيڪي ون قرض ڏيندڙ کي ڏنيون ويون، ان جا گناھ اسان جي کاتي ۾ وڌا ويا ته سوچو! اسان جو ڇا ٿيندو...؟ افسوس! اعمال نامي ۾ نيڪيون پهريان ئي گهٽ آهن، وڌيڪ گهٽ ٿي وينديون يا ٿي سگهي ٿو ته ختم ئي ٿي وڃن. افسوس! اهڙين حالتن ۾ جنت ۾ داخل ڪيئن ٿي سگهبو...؟
مِرے سر پہ عِصیاں کا بار آہ مولیٰ! بڑھا جاتا ہے دم بدم یاالٰہی
مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے ہو مجھ ناتُواں پر کرم یاالٰہی
جَلا دے نہ نارِ جہنم کرم ہو پئے بادشاہِ اُمَم یاالٰہی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! قرض جو معاملو تمام سخت آهي، قرض ٻانهن جي حقن مان آهي ۽ ياد رکو! ٻانهن جا حق ان وقت تائين معاف نه ٿيندا جيستائين ٻانهو پاڻ معاف نه ڪري. قيامت جو ڏينهن ته پوءِ قيامت جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ته ماءُ سڪيلڌي پٽ کي ڇڏي ڏيندي، پيءُ سڳي پٽ کان پري ڀڄندو، ماڻهو هڪ هڪ نيڪيءَ لاءِ سِڪي رهيا هوندا. اڄ جيڪڏهن اسان منٿ ميڙ ڪريون ته ٿي سگهي ٿو ته سامهون وارو اسان جو قرض معاف ڪري ڇڏي، قيامت واري ڏينهن جڏهن قرض نيڪين ذريعي ادا ڪيو ويندو، ان وقت قرض جي معافي ملي وڃي، تمام مشڪل آهي. تنهنڪري جيترو قرض ذمي آهي، سڄو فوري حساب لڳائي جيترو جلدي ٿي سگهي ادا ڪرڻ گهرجي. موت جو ڪهڙو ڀروسو ڪڏهن بہ اچي وڃي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته مرڻ کان پهريان پهريان اسان جو سڀ قرض ادا ٿي وڃي. گڏوگڏ قرض جي متعلق پنهنجي وصيت به لکي وارثن کي ڏئي ڇڏڻ گهرجي. بلڪه الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا تَدَایَنْتُمْ بِدَیْنٍ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى فَاكْتُبُوْهُؕ- (پارہ:3، سورۀ بقرہ:282)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان هڪ مقرر مدت تائين ڪنهن قرض جي ڏيتي ليتي ڪيو ته ان کي لکي وٺندا ڪيو.