Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
شايد تمام گهڻن جي ذهنن ۾ اچي رهيو هوندو ته اسان ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مسلمان آهيون، الله پاڪ کي مڃون ٿا، لَا اِلٰهَ اِلَّا اللہ تي پڪو يقين رکون ٿا، لہٰذا اسان کي ته الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل آهي. ان حوالي سان عرض آهي: يقينًا اسان مسلمان آهيون، اسان الله پاڪ کي مڃڻ وارا، ڪلمو پڙهڻ وارا آهيون پر اسان کي ان طرف به توجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو، پاڻ لکن ٿا: ڪفر جو هڪ قِسم اها آهي جيڪا ظاهر آهي (يعني جنهن جي سبب ماڻهو دائرهءِ اسلام مان نڪري وڃي ٿو جيئن الله پاڪ جي وجود جو انڪار ڪرڻ، نبين، آسماني ڪتابن يا قيامت وغيره جو انڪار ڪرڻ.) ان کان علاوه ڪفر جو هڪ ٻيو قِسم به آهي، جنهن کي ڪفرِ خفي چيو ويندو آهي. (ان جو مطلب آهي ته ٻانهو آهي ته مسلمان، ڪلمو به پڙهي ٿو، الله پاڪ تي، ان جي رسولن، ان جي ڪتابن ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو پر ان جو ڪردار ڪافرن جهڙو آهي.) ان جو مثال ڏيندي امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هر اهو ٻانهو جيڪو الله پاڪ کان منهن موڙي، صرف ۽ صرف دنيا جو ئي ٿي رهجي وڃي، دنيا تي ئي راضي هجي، ان تي ئي مطمئن رهي، اهو به ڪافر آهي (يعني آهي ته مسلمان پر ان جو اهو انداز ڪافرن وارو آهي). ([1])
اهڙي طرح قرآنِ ڪريم ۾ ان جي هڪ مثال ائين ملي ٿي، الله پاڪ فرمايو:
اَفَرَءَیْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰهَهٗ هَوٰىهُ وَ اَضَلَّهُ اللّٰهُ عَلٰى عِلْمٍ
(سيپارو: 25، الجاثيه: 23)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڀلا ڏس ته اهو جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو خدا بڻايو ۽ الله ان کي علم جي باوجود گمراھ ڪيو.
[1]...احیاء العلوم، کتاب الصبر والشکر، الرکن الثالث من کتاب الصبر والشکر...الخ، جلد:4، صفحہ:159 خلاصۃً۔