Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
ڪپڙي جو خوبصورت خيمو ٺهيل آهي ۽ خيمي جي چوڌاري هٿيار کڻي فوجي بيٺل آهن، انهن فوجين پنهنجي زبان ۾ ڪجهه چيو ۽ هليا ويا، پوءِ ملڪ جا وڏا وڏا علماءَ ۽ مشائخ آيا، انهن به خيمي وٽ بيٺي ڪجهه چيو ۽ هليا ويا، پوءِ ملڪ جا وڏا وڏا حڪيم، طبيب اتي پهتا، انهن به خيمي وٽ بيٺي ڪجهه چيو، پوءِ هليا ويا، پوءِ بادشاهه ۽ وزير آيا، اهي به ڪجهه دير خيمي وٽ ترسيا، ڪجهه چيو ۽ هليا ويا، امامِ حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اهو ڏسي مون کي وڏي حيراني ٿي، مون ڪنهن کان پڇيو ته اهو ڇا معاملو آهي؟ ته ٻڌائڻ واري ٻڌايو: بادشاهه جو هڪ خوبصورت، نوجوان ڇوڪرو هو، ان جو انتقال ٿي ويو، اهو ان خيمي ۾ دفن آهي، هر سال جڏهن ان جي وفات جو ڏينهن ايندو آهي ته سڀ اهڙي طرح هتي گڏ ٿيندا آهن، پهريان فوجي خيمي وٽ ايندا ۽ چوندا آهن: اي بادشاهه جا پٽ! جيڪڏهن جنگ جي ذريعي موت کي ٽاري سگهجي ها ته اسان پنهنجي جان تي کيڏي به توهان کي بچائي وٺون ها، پوءِ علماء اچي چوندا آهن: اي بادشاهه جا پٽ! جيڪڏهن علم جي ذريعي موت کي روڪي سگهجي ها ته اسان ضرور توهان کي بچائي وٺون ها، پوءِ طبيب ايندا ۽ چوندا آهن: اي بادشاهه جا پٽ! جيڪڏهن موت جو ڪو علاج ممڪن هجي ها ته اسان ضرور توهان جو علاج ڪري وٺون ها، آخر ۾ بادشاهه ۽ وزير اچي چوندا آهن: پٽ! اسان توکي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر موت کي ڪير ٽاري سگهي ٿو؟ هاڻي ايندڙ سال تائين توتي اسان جو سلام هجي.
امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن اهو ٻڌو ته پاڻ پڪي نيت ڪري ورتي ته هاڻي زندگي ڀر نه کلندس ۽ جيستائين دنيا ۾ آهيان فڪرِ آخرت ۾ ئي