Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، امام جعفر صادق رَضِيَ اللهُ عَنهُ فرمايو: اي نعمان! ڇا توهان اکين جي نمڪيني، ڪنن جي ڪؤڙاڻ، نَڪَ جي سوراخن جي گرمائش ۽ چپن جي مٺاس بابت ڪجهه ڄاڻو ٿا؟ عرض ڪيائون: نه. امام جعفر صادق رَضِيَ اللهُ عَنهُ فرمايو: منهنجي ڏاڏي کان روايت آهي ته رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ پنهنجي فضل و احسان سان ابنِ آدم جي اکين ۾ نمڪيني رکي ڇو ته اکيون چرٻيءَ مان ٺهيل آهن، جيڪڏهن انهن ۾ نمڪيني نه هجي ها ته اهي ڳَري وڃن ها. الله پاڪ ڪؤڙاڻ ابنِ آدم جي ڪنن ۾ رکي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪيڙا ماڪوڙا ڪن جي اندر هليا وڃن ها ۽ دماغ ۾ پهچي نقصان پهچائن ها. اهڙي طرح الله پاڪ ابنِ آدم جي نَٿن ۾ گرمائش رکي آهي، جنهن سان اهو بوءِ سونگهندو آهي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته دماغ بدبودار ٿي وڃي ها. الله پاڪ ابنِ آدم تي مهرباني ۽ فضل و احسان ڪندي مٺاس ان جي چپن تي رکي آهي، جنهن جي ذريعي اهو هر شيءِ جو ذائقو چکيندو آهي ۽ ماڻهو ان جي گفتگو جي مٺاس مان لطف وٺندا آهن. ([1])
سُبْحٰنَ الله! ڪهڙي شان آهي منهنجي عظمتن واري ربِ ڪريم جي...!! اندازو فرمايو! انسان جي تخليق ۾ ڇا ڇا اهتمام ڪيو ويو آهي، ڪهڙي ڪمال ڪاريگريءَ سان هڪ بي جان شيءِ کي جيئرو جاڳندو، هلندو، ڦرندو، عقل سمجھ وارو انسان بڻايو ويو آهي. پوءِ اسان ڇو ان ربِ ڪريم جي قدرت و عظمت جو اقرار ڪري ان جي حضور مٿو نه جهڪايون، يقينًا اهو ئي هڪ واحد رب آهي، اهو لاشريڪ آهي يعني ان جو خدائيءَ ۾ ڪو شريڪ ناهي،