ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

جي صحيح معنائن ۾ سڃاڻپ نصيب ٿي وڃي، اهو تمام اوچو مرتبو حاصل ڪري وٺندو آهي، ان جي دعائن ۾ ايترو اثر اچي ويندو آهي جو هو دعا ڪري ته جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندا آهن.

جبل ڊگهو ٿيڻ لڳو

حضرت فضيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا وليُ الله آهن، اهي توبه کان پهريان  وڏا مشهور ڌاڙيل هئا، پوءِ مٿس ڪرم ٿيو، انهن توبه ڪئي ۽ نيڪ ڪمن ۾ مصروف ٿي ويا، ربِ ڪريم جو مٿس وڏو فضل هو، کين تمام بلند مقام عطا ڪيو ويو. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ دفعو منيٰ شريف ۾ هڪ جبل تي موجود هئا، پاڻ فرمايائون: جيڪڏهن ڪو وليُ الله هن جبل کي حڪم ڏي ته اي جبل! ڊگهو ٿي وڃ. ته جبل فوري طور ڊگهو ٿي ويندو. بس ايترو چوڻ جي دير هئي جو جبل ڊگهو ٿيڻ شروع ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي جبل! رُڪجي وڃ...!! مون توکي حڪم ناهي ڏنو. اهو ٻڌندي ئي جبل ساڪن ٿي ويو. ([1])

  هيءَ آهي معرفت جو رتبو...!! جنهن کي الله پاڪ جي سڃاڻپ ملي وڃي ٿي، اهو اهڙي وڏي مقام تي پهچي ويندو آهي.

معرفت ڪيئن ملندي آهي...؟

هاڻي هڪ بنيادي سوال آهي: آخر الله پاڪ جي معرفت (يعني سڃاڻپ) ڪيئن ملندي آهي ؟ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان حوالي سان تمام تفصيلي ڪلام فرمايو آهي، آخر ۾ نتيجو اهو ڪڍيو ته الله پاڪ جي معرفت (يعني سڃاڻپ) نه ته علم سان ملي ٿي، نه عقل سان، الله پاڪ جي


 

 



[1]...رسالہ قشیریہ، باب کرامات الاولیاء، صفحہ:396۔