Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
وضاحت: هڪ سوچڻ جي ڳالهه آهي، الله پاڪ جهڙي چاهي صورت ڏئي ٿو، ان جي شان آهي:
هُوَ الَّذِیْ یُصَوِّرُكُمْ فِی الْاَرْحَامِ كَیْفَ یَشَآءُؕ-
(سيپارو: 3، آل عمران: 6)
ترجموڪنزُالعرفان: اهو ئي آهي جيڪو مائرن جي پيٽن ۾ جيڪي چاهي توهان جي صورت بڻائيندو آهي.
شاعر چوي ٿو: جيڪڏهن اسان جو نڪ اسان جي مٿي تي هجي ها، اسان جا ڪن ڳچيءَ جي پٺيان هجن ها، اکيون ڪلهن تي هجن ها، پسلي جي جاءِ تي گُوڏو ۽ گوڏي جي جاءِ تي پسلي هجي ها ته ٿورو تصور ڪريو، اسان ڪيترا بدصورت نظر اچون ها، ڇا ڪو آهي جيڪو ان تي اعتراض ڪري سگهي؟ ڇا ڪو آهي جيڪو پنهنجي هن شڪل کي تبديل ڪري سگهي؟ نه، هرگز نه...!! جيڪڏهن اسان کي اهڙي صورت ڏني وڃي ها ته اسان کي ان تي رهڻو پوي ها پر قربان وڃجي! الله پاڪ ڪهڙو ڪرم فرمايو، مٽيءَ جي ان ٻانهي کي ڪيترو خوبصورت ۽ حسين و جميل بڻايو آهي. اکيون ڏسو ڪهڙي خوبصورتيءَ سان سجايل آهن، ڪن ڪهڙي ڪاريگريءَ سان لڳايل آهن، پنهنجا هٿ ڏسو! مٿو ڏسو، نڪ ڏسو! اها اسان جي اها ئي شڪل و صورت آهي جنهن کي آئيني ۾ ڏسي ماڻهو پاڻ تي فخر محسوس ڪندا آهن، اها شڪل و صورت ڪنهن عطا فرمائي؟ چوڻو پوندو:
فَتَبٰرَكَ اللّٰهُ اَحْسَنُ الْخٰلِقِیْنَؕ(۱۴)
(سيپارو: 18، المؤمنون: 14)
ترجمو ڪنزُ العرفان: وڏي برڪت وارو آهي اهو الله جيڪو سڀ کان بهتر بڻائيندڙ آهي
هڪ دفعو امامِ اعظم ابوحنيفه نعمان بن ثابت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه امامِ جعفر صادق