Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
سان ويهي نماز پڙهي ٿو، ان ۾ به ڪو حرج ناهي، پر ويهي نماز پڙهندي رڪوع ڪرڻ ۾ ڪي ماڻهو ڪشمڪش جو شڪار ٿي ويندا آهن، اهو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته رڪوع ۾ ڪيترو جهڪڻو آهي، ڪو تمام ٿورو سر جهڪائي رڪوع ڪري وٺندو آهي ۽ ڪو ايترو جهڪندو آهي جو سجدي واري صورت بڻجي ويندي آهي. ان حوالي سان شرعي حڪم اهو آهي ته ويهي نماز پڙهجي ته رڪوع ۾ ايترو جهڪجي جو پيشاني گوڏن جي سڌ ۾ اچي وڃي، ان کان وڌيڪ جهڪڻ مڪروهِ تنزيهي ۽ ناپسنديده عمل آهي. سيدي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فتاويٰ رضويہ شريف ۾ ان جي تحقيق فرمائي آهي. ([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا حَکِیْمُ
جيڪو روزانو پنجن نمازن کان پوءِ 80 ڀيرا یَا حَکِیْمُ پڙهندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪنهن جو محتاج نه ٿيندو. ([2]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد