Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
بڻجڻ جي ضرورت آهي. هڪ ڀيرو حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي هڪ غلام جي ضرورت پيش آئي، پاڻ بازار تشريف وٺي ويا، هڪ غلام خريد ڪيو ۽ گهر وٺي آيا، پاڻ ان غلام کان پڇيو: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ غلام چيو: جنهن نالي سان اوهان پڪاريو، اهو ئي منهنجو نالو هوندو، پاڻ پڇيو: تون ڇا کائڻ جو عادي آهين؟ غلام چيو: جيڪو اوهان کارائيندا، کائي وٺندس، پوءِ پڇيو: ڪا خواهش هجي ته ٻڌاءِ! غلام چيو: جيڪا اوهان جي خواهش آهي، اها ئي منهنجي خواهش آهي. مان ته غلام آهيان ۽ غلام کي انهن شين سان تعلق ناهي هوندو. ان تي حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سوچڻ لڳا: ڪاش! مان به الله پاڪ جو اهڙو ئي اطاعت گزار هجان ها ته ڪيترو بهتر هجي ها. ([1])
اي عاشقان رسول! ان کي چئبو آهي، ٻانهو (يعني غلام) هجڻ، ٻانهو اهو ئي هوندو آهي جنهن جي پنهنجي ڪا خواهش نه هجي، جنهن جي پنهنجي ڪا مرضي نه هجي، ٻانهو هميشه پنهنجي مالڪ جي مرضي تي هلندو آهي، ان ڪري اسان کي به گهرجي ته پنهنجي مرضي تي نه بلڪ الله پاڪ جي حڪم تي هلون، زندگي جو معيار پنهنجي خواهش کي نه بلڪ الله پاڪ جي احڪامن کي بڻايون، شريعت کي، احاديث ڪريمه کي، دين کي بڻايون. ان ۾ ئي ڀلائي آهي، ان ۾ ئي دين و دنيا جي ڪاميابي آهي ۽ اهو ئي اسان جو حق به بڻجي ٿو. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد