ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

ڪلمه اينڊ دعا موبائل ايپلي ڪيشن جو تعارف

پياري اسلامي ڀائرو! دعوت اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن لانچ ڪئي آهي جنهن جو نالو آهي: ڪلمه ۽ دعا (Kalma & Dua)* هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي تمام آسان انداز سان ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي* هن ايپلي ڪيشن ۾ ٻارن لاءِ 6 ڪلما آڊيو جي صورت ۾ حرفن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ * روزمره جون 16 مختلف دعائون مثلاً پاڻي پيئڻ جي دعا،* کاڌو کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي دعا،*کير پيئڻ جي دعا،* سمهڻ وقت جي دعا وغيره حرفن جي ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ ۽ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب وغيره شامل آهن. پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: ويهي نماز پڙهڻ ۾ رڪوع جي حد اها آهي ته پيشاني گوڏن جي سامهون اچي وڃي.

 وضاحت: اسان جي پهرين ترجيح اها هجڻ گهرجي ته نفل نماز به بيهي پڙهون ته ان ۾ وڌيڪ ثواب آهي. پوءِ به جيڪڏهن ڪو نفل نماز ويهي پڙهي ته ان جي اجازت آهي، ائين ئي جيڪڏهن ڪو بيمار آهي ۽ شرعي اجازت