Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
معرفت صرف ۽ صرف الله پاڪ جي فضل سان ملندي آهي ، جنهن تي الله پاڪ فضل فرمائيندو آهي، ان کي اها معرفت نصيب ٿي ويندي آهي. ([1])
هن دنيا ۾ تمام گهڻا ماڻهو آيا جنهن پنهنجي عقل سان الله پاڪ کي سڃاڻڻ چاهيو پر ناڪام رهيا، ڪنهن پنهنجي علم سان الله پاڪ کي سڃاڻڻ چاهيو پر ناڪام رهيا، نتيجتاً ڪنهن چنڊ کي خدا مڃيو، ڪنهن سج جي پوجا شروع ڪري ڏني ۽ ڪو وڻن کي پنهنجو رب مڃڻ لڳو. مطلب ته الله پاڪ جي سڃاڻپ نه ته عقل سان ملندي آهي ، نه علم سان ملندي آهي ، اها سڃاڻپ جنهن کي به ملندي آهي الله پاڪ جي فضل سان ئي ملندي آهي. جڏهن ٻانهي تي الله پاڪ جو فضل ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جي عقل به روشن ٿي ويندو آهي ۽ ان جي دل ۾ نورِ معرفت به لهي ويندو آهي. پوءِ ٻانهي کي ڪائنات جي ذري ذري ۾ رب ڪريم جي وجود ۽ ان جي قدرتن جا نشان نظر اچڻ لڳي ويندا آهن.
بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو جيڪو ڳئون جي پوجا ڪندو هو، هڪ ڏينهن هو پنهنجي ڳئون کي وٺي ڪنهن باغ ۾ پهتو، ڳئون گاھُ وغيره کائي رهي هئي ته اوچتو ڪڪر ڇانئجي ويا، بجلي چمڪڻ لڳي، ڪڪر جي خوفناڪ گجگوڙ ۽ بجلي جي ڪڙڪ جڏهن ڳئون جي ڪنن ۾ پئي ته ڳئون ڊڄي ڀڄي وئي.
هي اهو وقت هو جڏهن ان مشرڪ تي الله پاڪ جو فضل ٿيو: هو سوچ ۾ پئجي ويو ته اها ڳئون جيڪا ڪڪر جي گجگوڙ ۽ بجلي جي ڪڙڪ کان ئي ڊڄي رهي آهي، اها هرگز خدا نٿي ٿي سگهي. اهو سوچي هن آسمان ڏانهن نگاهه