Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan
وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)(سيپارو: 27، الذّٰرِيٰت: 56)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ مون جن ۽ انسان ان لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.
هن آيتِ ڪريمه جي تفسير ۾ امام مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن آيت ۾ عبادت مان مراد معرفت آهي. ([1]) يعني آيت جو مطلب هي ٿيندو ته مون جنّ ۽ انسان ان ڪري پيدا فرمايا ته جيئن منهنجي معرفت حاصل ڪن.
هڪ حديثِ قدسي جنهن کي وڏن وڏن اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم ذڪر ڪيو ۽ ان مان وڏا وڏا مسئلا ڪڍيا آهن، الله پاڪ فرمائي ٿو: كُنْتُ كَنْزًا مَخْفِیًّا مان هڪ لڪيل خزانو هيس، فَاَحْبَبْتُ اَنْ اُعْرَفَ فَخَلَقْتُ الْخَلْقَ لِاُعْرَفَ پوءِ مون چاهيو ته سڃاتو وڃان، تنهن ڪري مون مخلوق پيدا فرمائي. ([2])
معلوم ٿيو: اسان کي پيدا ئي ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان الله پاڪ جي سڃاڻپ حاصل ڪريون.
توهان جي دعا سان جبل جاءِ ڇڏي ڏيندا
حديثِ پاڪ ۾ آهي: منهنجي ۽ توهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪڏهن توهان الله پاڪ جي اهڙي معرفت حاصل ڪيو جهڙو ان جي معرفت جو حق آهي ته ضرور توهان سمنڊن تي هلو ۽ توهان جي دعا سان جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن. ([3])
اللهُ اڪبر! اها آهي معرفتِ اِلاهي جي عظمت...!! جنهن شخص کي الله پاڪ