ALLAH Pak Ki Pehchan

Book Name:ALLAH Pak Ki Pehchan

اهو ئي عبادت جي لائق آهي، اهو ئي آهي جنهن جي حضور مٿو جهڪائڻ ۽ سُبْحٰنَ رَبِّیَ الاعلٰی چوڻ انسان کي زيب ڏئي ٿو.

انسان جي ٽئين حالت

پوءِ الله ڪريم فرمايو:

ثُمَّ یُمِیْتُكُمْ

ترجمو ڪنزُالعرفان: پوءِ اهو توهان کي موت ڏيندو.

  هي انسان جي ٽئين حالت آهي: انسان پهريان ڪجهه نه هو، ڪا قابلِ ذڪر شيءِ نه هو، پوءِ الله پاڪ ان کي زنده ڪري ڇڏيو، ان زندگي کان پوءِ هڪ وقت اچي ٿو ته ماڻهو هن دنيا ۾ ناهي رهندو يعني ان تي موت طاري ٿي ويندو آهي.

هي به الله پاڪ جي وجود جي دليل آهي، موت تڪبر وارن جو تڪبر ٽوڙي ڇڏيندو آهي، طاقتورن جي طاقت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، بادشاهن جا تخت اونڌا ڪري ڇڏيندو آهي. هزار مهارتون، سائنسي ترقيون ڪجهه به موت کي ٽاري نٿيون سگهن، آخر ڇا سبب آهي جو ماڻهو زنده رهڻ چاهي ٿو پر اڄ تائين ڪو به موت جي ڇنبي مان بچي ناهي سگهيو؟ ان مان اسان کي خبر پوي ٿي ته

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خدا ہے

موت جو ذائقو چکڻو ئي پوندو

امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  هڪ دفعو ملڪِ روم تشريف کڻي ويا، اتي پاڻ هڪ عجيب منظر ڏٺو: جنگل ۾ هڪ جاءِ تي اعليٰ قسم جي ريشمي